حڪومتن کان وسري ويل برسات متاثرين

حڪومتن کان وسري ويل برسات متاثرين

مير ذوالفقار چانڊيو
سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ سانوڻيءَ جي برساتن سبب ماڻھن جي زندگي مفلوج بڻجي رھي آھي خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان ۾ بارش رحمت بدران زحمت بڻجي وسي آهي جنھن سبب غريب متاثرين سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن وقت جي حڪومتن طرفان طوفاني برساتن کي منھن ڏيڻ لاءِ ڪي بھتر اپاءُ نه ھجڻ ڪري نديون نالا درياءُ جا بند ٽٽڻ ڪري بلوچستان ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي جنھن سبب غريب متاثرين جا ڪچا گھر ڊھي پٽ ٿي ويا آهن جيڪي کليل آسمان هيٺ ويھي حڪومتي امداد جا منتظر آهن پر وقت جي حڪومتن طرفان کين سکڻا اعلان ڪرڻ تائين محدود نظر اچي رهيون آهن گذريل ھڪ مھيني کان بلوچستان ۾ چوماسي برساتن وڏي تباھي مچائي ڇڏي آھي ھن وقت تائين بلوچستان ۾ طوفاني برساتن سبب 196 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جنهن ۾ ڪافي ماڻھو تيز برساتن سبب لڙھي ويا آهن جنھن جي ڪا خبر چار ناھي ته اھي ڪٿي آهن بلوچستان ۾ ھلندڙ ٻوڏ دوران روڊ رستن جو نالو نشان ختم ٿي ويو آهي ڪافي شھرن ڳوٺن جو ھڪ ٻئي سان رابطو ڪٽجي ويو آهي ايتري قدر جو ھاڻي سنڌ بلوچستان جو رابطو منقطع ٿيڻ ويجھو آهي بلوچستان ۾ ايڏي وڏي تباهيءَ ھجڻ ڪري صوبائي حڪومت سان گڏ وفاقي حڪومت صرف ڦوٽو سيشن تائين محدود آھن عملي طرح متاثرين جي بحالي يا انھن جي کاڌ خوراڪ لاءِ حڪومتن ڪي به اپاءَ نه ورتا آهن جنھن سان متاثرين جي ڪجھ مدد ٿي سگهي ويتر متاثرين اڃ بک کي برداشت ڪري وڏي مشڪل سان وقت گذارڻ تي مجبور آهن پر حڪومتن طرفان سندن ڪا به واھر نه ٿي سگهي آهي جيڪڏهن موجوده برساتي تباهين ۾ سنڌ جي صورتحال بيان ڪجي ته سنڌ ۾ پڻ بلوچستان واري ساڳي صورتحال نظر اچي رهي آهي جتي پڻ سانوڻي برساتن ھر پاسي تباھي مچائي ڇڏي آهي ھيٺاھين وارا شھر توڙي ڳوٺ برسات سبب درياءُ جو ڏيک ڏئي رهيا آهن غريب مسڪين ماڻهن جا گھر ڪرڻ معمول بڻيل آهي طوفاني برساتن سبب ڪاروبار روزگار محنت مزدوري ختم ھجڻ ڪري ھر طرف غريب مسڪين ماڻهو فاقا ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن سندن ڪير به پرگھور لهڻ لاءِ تيار ناهي سنڌ حڪومت طرفان سنڌ جي 9 ضلعن جي 723 ديھن کي آفت سٽيل قرار ڏئي ڇڏيو آهي پر انھن آفت سٽيل ڳوٺن ۾ سرڪاري امداد مدد جو ذڪر ڪجي ته انھن وٽ ڪا به امداد نه پھچي سگھي آھي ظاھري طرح سنڌ حڪومت سان گڏ وفاقي حڪومت انھن آفت سٽيل علائقن لاءِ ڪا به امداد ڏيڻ جو اعلان نه ڪري سگهي آهي جنھن سان متاثرين کي ڪجھ آسرو انتظار ٿئي وڏي ڳالھ ته دنيا جي سپر پاور ملڪ آمريڪا طرفان سنڌ حڪومت کي برسات متاثرين جي بحالي امداد لاءِ ھڪ ملين ڊالر امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي ان جي مقابلي ۾ سنڌ حڪومت پنھنجي طرفان برسات متاثرين جي امداد لاءِ ڪو به اعلان نه ڪري سگهي ۽ نه وري انھن جي کائڻ پيئڻ لاء ڪجھ ڪري سگھي آهي باقي آفت سٽيل علائقن کي صرف نالو ڏنو ويو آهي ته واقعي انھن علائقن ۾ تباھي ٿي آهي باقي امداد جو ڪو آسرو ناھي سانوڻي برساتن ھر طرف تباهي مچائي ڇڏي آهي ندين نالن جي بھتر طريقي سان صفائي نه ھجڻ ڪري ڪافي شھر تلاء جو ڏيک رھيا آھن جيڪي پڻ وڏي نقصان جو باعث بڻجي سگھن ٿا وقت جي حڪومتن کي گھرجي ته سڄي ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ندين نالن گٽرن جي صفائي ڪري برساتي پاڻيءَ جو نڪاسي سسٽم بھتر ڪيو وڃي جنھن سان ايندڙ طوفاني برساتن کي بھتر طريقي سان منھن ڏئي سگھجي جيڪڏهن ھينئر سان ايئن نه ڪيو ويو ته ايندڙ برساتن ۾ وڌيڪ تباھي اچي سگھي ٿي جيڪڏهن ھينئر حڪومت غفلت جي ننڊ مان بيدار نه ٿي سگهي ته اڃا وڌيڪ جاني مالي نقصانن جو خطرو وڌيڪ ٿي سگھي ٿو ٻئي پاسي وقت جي حڪومتن کي گھرجي ته برسات متاثرين جي بحالي امداد لاءِ ڪجھ ڪوششون ورتيون وڃن جيئن انھن جي زندگيءَ جو گذر سفر بھتر ٿي سگهي جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته معاشري اندر بک بدحالي فاقا ڪشي جھڙي صورتحال بڻجي سگھي ٿي جنھن سان پڻ وڏو نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي 

پهنجو تبصرو موڪليو