ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏينهن جي مناسبت سان پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ڪراچي پاران اسٽيٽ بئنڪ آڊيٽوريم ۾ آزادي جي اوائلي ڏينهن جي جدوجهد بابت تصويري نمائش جو اهتمام ڪيو ويو. نمائش جو افتتاح اسٽيٽ بئنڪ جي وقتي گورنر ڊاڪٽر مرتضيٰ سيد ڪيو.

ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل پي آءِ ڊي ڪراچي ميدم ارم تنوير به موجود هئي جنهن وقتي گورنر کي ناياب تصويري نمائش بابت بريفنگ به ڏني. هن وقتي گورنر کي سووينيئر به پيش ڪيو، جنهن تي مرتضيٰ سيد سندس شڪريو ادا ڪيو.











