لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ هاڪي اسٽيڊيم ۾ جلسي خلاف درخواستون اڪلائي ڇڏيون. لاهور هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته ڊپٽي ڪمشنر اجلاس جي جڳهه تبديل ڪرڻ بابت درخواستن تي فيصلو ڪري، پي ٽي آءِ کي اجلاس جي اجازت ڏيڻ اختيارين جو ڪم آهي. عدالت چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ اهڙن معاملن ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي.عدالت حڪم ڏنو ته اسٽيڊيم کي ڪنهن به قسم جو نقصان نه پهچايو وڃي، جيڪڏهن نقصان ٿيو ته پي ٽي آءِ ان جي سنڀال ڪندي.لاهور هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو ته ايسٽرو ٽرف لڳائڻ جو ڪم پنجاب حڪومت ڪندي، ان ڪري ايسٽرو ٽرف کي جلد کان جلد لڳايو وڃي ۽ بجيٽ ۾ فنڊ مختص ڪيا وڃن.










