کلڻ خراب ڪوليسٽرول کي گھٽائي ٿو: تحقيق

ميري لينڊ (ويب ڊيسڪ)کلڻ جا انسان جي صحت تي مثبت اثر پوندا آهن، ايستائين جو اهو انسان کي دل جي بيمارين کان بچائڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيندو آهي. دي هارٽ فائونڊيشن موجب، کلڻ جا صحت لاءِ اهڙا ئي فائدا آهن،ان حوالي سان ڪيل ريسرچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته کلڻ سان انسان جي دل جي رفتار بهتر ٿيندي آهي ۽ هلڻ سان جسم مان ڪيتريون ئي ڪيلوريون خارج ٿينديون آهن.کلڻ جسم مان خراب ڪوليسٽرول گھٽائي ٿو جڏهن ته سٺو ڪوليسٽرول وڌائي ٿو.تحقيق دوران هڪ سال تائين روزانو اڌ ڪلاڪ کلڻ جا هاڪاري اثر ذيابيطس جي مريضن ۾ ڏسڻ ۾ آيا جيڪي ڪوليسٽرول جي اضافي ۾ مبتلا آهن.سال جي آخر ۾ انهن ذیابيطس جي مريضن ۾ مفيد ڪوليسٽرول ۾ 26 سيڪڙو اضافو ڏٺو ويو.کلڻ سان انسان جي دماغ تي دٻاءُ گهٽجي ٿو، جيڪو رت جي نالن کي ڦهلائي ٿو ۽ بلڊ پريشر کي گهٽائي ٿو.يونيورسٽي آف ميري لينڊ ميڊيڪل سينٽر ۾ ڪيل هڪ مطالعي ۾ اهو به معلوم ٿيو آهي ته کلڻ سبب شريانن ۾ نائٽرڪ آڪسائيڊ خارج ٿئي ٿو، جنهن جي ڪري شريانون ڊهي وڃن ٿيون.نائٽرڪ آڪسائيڊ پڻ گھٽ سوزش ۽ شريانن ۾ ڪلٽ جي ٺهڻ سان لاڳاپيل آهي.ان حوالي سان هڪ ٻي تحقيق جيڪا يونيورسٽي آف ٽيڪساس ۾ ڪئي وئي، ان ۾ مزاحيه وڊيوز ۽ شريانن جي فوري لچڪ جي وچ ۾ تعلق جو به انڪشاف ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو