فال آف پي ٽي آئي ! خواب يا حقيقت

سڪندر گلاب کوسو
ماضي جي ڪجهه مشهور عالمي طور تي طاقتور ۽ ملڪي طور تي نه فتح ٿيندڙ سلطنتن جي تاريخ تي نظر ڊوڙايون ٿا ۽ جڏهن سندن زوال (فال) جي سببن جي ڪهاڻين کي پڙهون ٿا ته انهن سڀني ۾ سندن زوال جو وڏي ۾ وڏو ڪارڻ ڪي ٻاهريون طاقتون نه پر گهرو سياسي ۽ معاشي حالتون، گروهي ۽ خانداني اختلاف ۽ سازشون ۽ نرگيسيت ئي سندن تاريخي خاتمي جو سبب نظر اچن ٿيون. هنن سلطنتن جي ڪرتائن ڌرتائن کي سندن مشيرن، وزيرن ۽ ٻين خير خواهن پاران ملڪ ۽ سلطنت جي باري ۾ جيڪي خيرن جون خبرون ڏنيون وينديون رهيون اهي “سڀ سٺو آهي (آل از ويل)” جو اهو ورد هوندو هو جيڪو اڄ به پنهنجي ساڳي شڪل و صورت ۽ ساڳئي مطلب سان نه صرف موجود آهي پر ايئن ٿو لڳي ته هي سدا بهار بيان ڄڻ هر حڪومت جي اولين ترجيح آهي.
هن بيان جي آڙ وٺي گورنرَ حڪمرانن جي آڏو، حڪمران بادشاهن جي آڏو، بادشاهه وري شهنشاهن جي آڏو سڀ سٺو آهي جون خبرون ڪندا رهيا، هڪٻئي کي خوشفمهين ۾ متبلا ڪندا رهيا ۽ پنهنجي پنهنجي ڪرسيءَ کي دوام بخشيندا رهيا. مثال طور رومن، مغليا، عثمانيا ۽ برطانوي ايمپائر وغيره. اسان جي سنڌ ۾ ميرٽالپرن جي زوال جي ڪهاڻي به گهڻي مختلف ڪانهي ڪا. پاڪستان جي پهرين فوجي آمر فيلڊ مارشل ايوب خان کي سندس عملي پاران ملڪ ۾ سڀ سٺو آهي جي ثبوت طور سرڪاري خرچ تي روزاني اخبار ڇاپي هن کي پيش ڪئي ويندي هئي. ذڪر هيٺ اخبار فيلڊ مارشل کي ٻين خانگي اخبارن تي هي الزام لڳائيندي نظر ايندي هئي ته اهي ملڪ ۾ ڏڦيڙ ڦهلائڻ جون ذميدار آهن. ساڳي اخبار ۾ صدر ايوب جي تعريف ڪئي ويندي هئي ۽ هن جي پاليسين تي آرٽيڪل لکيا ويندا هئا. هاڻي خود اندازو لڳايو ته پنجهتر سالن ۾ توهان کي سڀ سٺو آهي ئي ٻڌڻ لاءِ ملي ٿو يا رياست ۽ ادارا آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪندي نظر اچن ٿا؟ اسان جي رياست هجي، اسان جي اداراجاتي ۽ سياسي قيادت هجي هنن سڀني ۾ هڪ ئي عنصر نمايان ۽ عام ملي ٿو. ان عنصر جو نالو آهي پاڻ پڏائي (نرگيسيت) يعني هنن کي اهي ماڻهو يا ماهر نٿا وڻن جيڪي هنن تي تنقيد ڪن ٿا يا بهتر صلاحون ڏين ٿا پر هنن کي صرف اهي ماڻهو وڻن ٿا جيڪي سندن تعريف ۾ ڏينهن رات هڪ ڪن ٿا ۽ مخالفن کي ڏکي صورتحال (ٽف ٽائيم) ڏانهن ڌڪين ٿا.
اسان جهڙن خطن ۾ اڪثر مدي خارج خانداني وقار، قبيلائي سوچ، جاگيرداري روايت، اداراجاتي اخلاقيات، قيادتي پوڄا جي پرچارڪ ڪرڻ سان گڏ مذهب کي بطور هڪ سياسي هٿيار طور استعمال ڪيو وڃي ٿو هنن سڀني جي استعمال پويان جيڪا نيت ڪارفرما آهي اها اسان کي خواهشن، عملن، بيانن، تقريرن ۽ پاليسين جي صورت ۾ نظر ايندي رهي ٿي. مصيبت هي آهي ته اسان جا خِطا “نظام اثري (سسٽم اسپيفڪ)” نه پر “فرد اثري (پرسن اسپيفڪ)” آهن. اهوئي سبب آهي جو جيڪڏهن ڪنهن گهر جو وڏو ڪو غلط عمل ڪري ٿو، ڪنهن اداري جو سربراهه پنهنجي مرضي هلائي ٿو ۽ ڪنهن سياسي پارٽي جي قيادت ڪا مهان غلطي ڪري ٿي ته ان گهر جا ڀاتي، اداري جا ملازم ۽ سياسي پارٽي جا ڪارڪن سندن غلطين يا عجيب و غريب موقفن جو دفاع ڪندي نظر اچن ٿا نه صرف ايترو پر هڪٻئي کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ سان گڏ بي عزتو به ڪن ٿا. ٽي وي ٽاڪ شوز هجن يا پريس ڪانفرنسون، سياسي بيان بازيون هجن يا پاليسي بيان، هڪٻئي جي خوب ڌلائي ڪن ٿا. پر هنن عملن مان به جيڪڏهن پيٽ نه ڀرجي ته هڪٻئي کي جان سان مارڻ جون نه صرف ڌمڪيون ڏين ٿا پر اهڙي غير قانوني قدم کي کڻڻ بعد ان جو دفاع به ڪندي نظر اچن ٿا. وڏي ڳالهه ته سڀئي پڳدار پنهنجي ڀاتين، ملازمن، ۽ ڪارڪنن جا نه صرف ڀرجهلا ٿي بيهن ٿا پر هنن کي ايئن ڪرڻ جي لاءِ اڪسائين به ٿا. نتيجو: اسين اڄ به اتي ئي بيٺا آهيون جتان اسان هڪ قوم بڻجڻ جي لاءِ پنهنجي سفر جي شروعات ڪئي هئي.
1996ع ۾، ملڪ مان، ناانصافي جي پاڙ پٽڻ جي لاءِ هڪ پارٽي “پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آئي)” جي نالي پويان وجود ۾ آندي وئي. وچن ۽ قول اقرار هي ڪيا ويا ته غريب عوام کي سندن ج چانئٺ تي انصاف فراهم ڪيو ويندو، ملڪ کي صحيح معنى ۾ ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو ويندو ۽ ملڪ مان انهن پارٽين کي ختم ڪيو ويندو جن هن کي لٽيو، ڦريو ۽ تسلسل سان حڪومت ڪئي آهي. ڀلا ڪنهن کي خبر ناهي ته ڀٽي خلاف نو ستارا تحريڪ کي، بينظير خلاف آئي جي آئي کي ۽ نواز شريف جي خلاف ق ليگ کي ۽ مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ پ جي خلاف پي ٽي آئي کي هن ملڪ ۾ هڪ متبادل جي طور تي ميدان تي لاٿو ويو هو. پي ٽي آئي جي باني ميمبرن جن ۾ اياز صادق، اڪبر ايس بابر، ڊاڪٽر عارف علوي ۽ عمران خان وغيره شامل آهن انهن مان ڪجهه ميمبر عمران خان جي رويي ۽ پاليسين سان اختلاف ڪندي ٻاهر نڪري ويا ته شروع ۾ ته عمران خان جيڪو پارٽي جو تاحيات سربراهه به آهي پر ٻين جي تاحياتي تي تنقيد ڪندو رهي ٿو ان پاران ڪوبه نوٽيس نه ورتو ويو پر پارٽي ڇڏيندڙن ميمبرن مان هڪ ميمبر اڪبر ايس بابر جڏهن عمران خان کي غيرملڪي فنڊنگ جي باري ۾ آگاهي ڏني ته عمران خان ان آگاهي کي به هلڪو ورتو ۽ هن کي چيو ته “گهڻي ايماندار ٿيڻ جي ضرورت ناهي” بلڪل ايئن جيئن هن پاران وزيراعظم بڻجڻ جي ڪجهه مهينن بعد ملڪي معاشي بدتر صورتحال سبب چيو ويو هو ته “توهان (عوام) کي گهٻرائڻو ناهي.” عمران خان، اڪبر ايس بابر کي وڌيڪ چيو ته “غيرملڪي فنڊنگ ٿيڻ ڪو ايڏو وڏو خراب ڪم ناهي.” پنهنجي ڪرڪيٽ واري قد ڪاٺ ۽ 1992ع جي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي سوڀ جو پورو پورو فائدو کڻندڙ عمران خان جنهن جو ڪوبه سياسي پس منظر ڪونهي ڪو، پيش منظر لوڏن ۾ آهي ۽ ايندڙ منظر ڪهڙو ٿو بيهي ڪا خبر ڪانهي پر عمران خان پاڪستان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن وقت سڀ کان وڌيڪ مقبول سياسي اڳواڻ هجڻ سان گڏ پنهنجي مخالف پارٽين، ماڻهن ۽ ادارن کي ڏکي صورتحال ۾ وجهڻ ۾ ڪامياب نظر اچي ٿو.
پر هي به حقيقت آهي ته هن جي پي ٽي آئي ۽ سندس خلاف اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران غيرملڪي فنڊنگ ڪيس جو جيڪو ڪچو چٺو فيصلي جي صورت ۾ سڀني آڏو ڪجهه ڏينهن اڳ ظاهر ٿيو آهي ان في الحال هن جون ۽ سندس پارٽي جون متيون منجهائي ڇڏيون آهن. متين منجهڻ جو سبب ڪميشن جي فيصلي جي روشني ۾ اها امڪاني تلوار آهي جيڪا هن جي پوري سياسي مسلڪ (ڪيريئر) کي ٻڙي کان به هيٺ ڪيرائي سگهي ٿي ۽ جنهن جو امڪان گهڻن جي نظر ۾ گهڻو آهي. هڪ طرف اتحادي حڪومت پي ٽي آئي تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ ڊڪليئريشن موڪلڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ته ٻئي طرف غيرملڪي فنڊنگ ڪيس جي جاچ ايف آئي اي جي حوالي به ڪري ڇڏي آهي. ايف آئي اي پاران جاچ جو عمل شروع به ٿي چڪو آهي ۽ ٽئين طرف توشا خانا به پنهنجا پر ڦهلائي رهيو آهي. هنن سڀني قدمن جي باوجود پي ٽي آئي جي “ٽي مورتي” (فواد چوڌري، فرخ حبيب ۽ اسد عمر) پاران حڪومت کي اسيمبليون ٽوڙڻ لاءِ هڪ مهيني جي وٿي ڏيندي اعلان ڪيو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته پي ٽي آئي 48 ڪلاڪن اندر اسلام آباد ۾ تاريخي جلسو ڪرڻ وڃي رهي آهي جنهن ۾ پارٽي پنهنجي ايندڙ حتمي لائحه عمل جو اعلان پڻ ڪندي. هي اهائي ٽي مورتي آهي جنهن عمران خان کي سڀ سٺو آهي جي خوشفهمي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي ۽ “تون نه ته ٻيو ڪير؟” جي سياسي تاڃي پيٽي ۾ اڻيندي هن کي قائداعظم ۽ ذوالفقار علي ڀٽي سان ڀيٽيندي پاڪستان جي هڙني سياسي، سماجي، معاشي ۽ آئيني مسئلن جو واحد حل به قرار ڏئي ڇڏيو آهي. عجيب پي ٽي آئي آهي جنهن جي ٽي مورتي پنهنجي سڀني اسيمبلي ميمبرن جي استعيفا کي حتمي سمجهي ٿي ته ٻئي پاسي اهي ميمبر پارليامينٽ جون مراعتون ۽ پگهار به حاصل ڪندا رهن ٿا ۽ جڏهن پارٽي جي يارنهن ميمبرن جون استعيفائون منظور ٿي چڪيون آهن ته انهن مان نون تڪن تي عمران خان پاڻ بيهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
پاڪستان جهڙي سياسي ملڪ ۾، سياسي معاملا هجن، قانوني مامرا هجن يا آئيني مونجهارا انهن سڀني کي ڪڏهن به سياسي، قانوني يا آئيني طرح سان نه حل ڪيو ويو آهي نه ئي ان اک سان ڏٺو ويو آهي. هنن لاءِ سدائين ڪو نه ڪو ٽڪساٽ گهڙي ڪڏهن نظريه ضرورت، ڪڏهن ملڪ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي، ڪڏهن ميثاقِ جمهوريت، ڪڏهن مفاهمت ته ڪڏهن عدالتي فيصلن جي آڙ ورتي وئي آهي ته ڪڏهن مارشل لائن، ڪڏهن گرينڊ ڊائلاگ جيڪو اڄ ڏينهن تائين ناهي ٿي سگهيو پر صرف بيان جي حد تائين پنهنجو وجود ضرور رکي ٿو يا ڪڏهن آئين کي ڦٽو ڪري پنهنجي مرضي هلائي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن جو غيرملڪي فنڊنگ خلاف آيل هاڻوڪو فيصلو جيڪڏهن واقعي هڪ گهربل آئيني نقطن کي سامهون رکي ۽ اڪبر ايس بابر جي الزامن جي تحقيق جي بنياد تي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ بعد صادر ڪيو ويو آهي ته هي فيصلو هڪ تاريخ رقم ڪري سگهي ٿو. پر جيئن ته هن فيصلي تي حڪومتي ڊڪليئريشن ۽ ايف آئي اي جي تحقيق جو باب اڃان رهيل آهي پر جڏهن اهي مڪمل ٿي ويا ۽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ٿي ويا پوءِ سپريم ڪورٽ کي جيڪڏهن ڪو رستو نظر نه آيو ته پي ٽي آئي کي پنهنجي پابندي جو پروانو سندس ئي نعري “روڪ سڪو تو روڪ لو” جي صورت ۾ ملي وڃي. ۽ عمران خان کي سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار پاران ملندڙ صادق ۽ امين وارو سرٽيفيڪيٽ به پنهنجي وقعت وڃائي ويهي ٿو ته عمران جو حشر به نواز شريف جهڙو ٿي سگهي ٿو. هتي هي سوچ به نظر اچي ٿي ته عمران خان کي تاحيات نااهل ڪرڻ ۽ پي ٽي آئي تي پابندي ڪنهن ڀجي خواهش يا ڪنهن جو خواب ته ٿي سگهي ٿو پر حقيقت سان هن جو ڪوبه تعلق ڪونهي ڪو. جيڪڏهن عمران خان ۽ پي ٽي آئي پاڻ کي محفوظ رستو ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ته اليڪشن ڪميشن جو ڪمشنر جيڪو امڪاني طور تي پنهنجي فيصلي جي روشني ۾ هن وقت “مقدر جو سڪندر” بڻيل آهي معاملو الٽو ٿيڻ تي صورت ۾ ممڪن آهي ته هي “سڪندر جو مقدر” واري سوال کي نمايان ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪري. پي ٽي آئي ۽ عمران خان جي شديد خواهش به اهائي ته آهي!

پهنجو تبصرو موڪليو