نئين گاج جون تباھ ڪاريون ۽ انتظاميا جي بي حسي

نئين گاج جون تباھ ڪاريون ۽ انتظاميا جي بي حسي

عنايت رستماڻي
گاج ڊيم جو منصوبو مڪمل نه ٿيڻ ۽ نئين گاج کي بنا ڪنهن منصوبي ڇڙواڳ ڇڏي ڏيڻ سبب گذريل وڏي عرصي کان يا کڻي ائين چئجي جڏهن کان ڪاڇو وجود ۾ آيو تڏهن کان نئين گاج ڪاڇي ۾ تاريخي تباھ ڪاريون آنديون جنهن سان نه صرف مالي نقصان ٿيو پر ان سان گڏوگڏ ڪيتريون ئي انساني جانيون به ضايع ٿيون گاج جي بي رحم وهڪرن ڪيترن ئي ڪاڇي واسين جون جُهڳيون ئي لوڙهي ڇڏيون ماضي جيان هيل به نئين گاج جي تيز وهڪري مڪمل ڪاڇي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي وڏو نقصان پهچائڻ کان پوءِ ايشيا جي وڏي مان وڏي ڍنڍ منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪرڻ لڳي آهي نئين گاج ڪاڇي جي سوين ڳوٺن کي ٻوڙي منڇر جي سُڪل پيٽ کي ته آباد ڪيو آهي پر انهن مسڪين ماڻهن جو ڇا ٿيندو جيڪي اڳي ئي غربت ۽ مهانگائي سان جهڙوڪر جنگ وڙهي رهيا هئا مٿان وري نئين گاج جي تيز وهڪري کين ڪچا اجھا ئي پٽ ڪري ڇڏيا نه صرف ماڻهن جا گهر پر ان سان گڏوگڏ تاريخي قبرون به لوڙهي ڇڏيون آهن نئين گاج ڪاڇي واسين کي هر سانوڻ جي مند ۾ رڳو سُور ئي ڏنا آهن تنهن باوجود وفاقي سرڪار توڙي سنڌ سرڪار گاج منصوبي تي سنجيدگي سان ناهي سوچيو ڪاڇي ۾ وڏي ٻوڏ جو سبب بڻجندڙ نئين گاج جي پاڻي کي مناسب گذر نه ملڻ گاج ڊيم منصوبو مڪمل نه ٿيڻ سبب هر سانوڻ جي مندائي توڙي اڻ مندائتي مينهن جي مُندن ۾ اُتر ۽ اولھ جي ڪُنڊ سان ڪا کنوڻ کنوي ٿي ته ڪاڇي واسين جو ساھ مُٺ ۾ قيد ٿي ويندو آهي ۽ گاج جو پاڻي شينهن جي گجگوڙ وانگي گجندو ايندو آهي نئين گاج جي تباھ ڪارين جي ازالي لاءِ نه وفاقي سرڪار وٽ ڪي فنڊ آهن نه سنڌ سرڪار وٽ نه ئي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي تحرڪ ۾ اچي ٿي نه ئي سماجي فلاحي ادارا مدد لاءِ اچن ٿا ضلعي انتظاميا جهڙوڪر ته حڪومتي ڌر لاءِ جوڙيل آهي جيڪو به امدادي سامان ملندو آهي اهو ايم اين ايز، ايم پي ايز حوالي ڪري پاڻ آجا ٿي ويندا آهن چونڊيل نمائندا وري پنهنجن ورڪرن کي نوازڻ ۾ پورا هوندا آهن غريب طبقو اهڙو جو اهڙو رهجي ويندو آهي جنهن جي گهر مان پاڻي جو ڦڙو نٿو ٽپڪي وري راشن جا ڪٽا به انهن کي ڏنا ويندا آهن ٽينٽ، تنبو، پال، لڪڙا، گهريلو سامان به انهن ۾ ورهايو ويندو آهي ٻوڏون انهن لاءِ زحمت نه پر رحمت بڻجيو وڃن پر جن غريبن جو مال متاع، گهر، الھ تلھ، ان اناج لڙهي ويندو آهي اهي ويچارا وري به هٿين خالي کليل آسمان هيٺ واجھائيندي نظر ايندا آهن سنڌ سرڪار جي عدم دلچسپي سبب ڪاڇو هميشه ٻوڏن ۾ گذاريو آهي هي ڪاڇي ۾ ڪي قدرتي ٻوڏون يا قدرتي آفتون شامتون ناهن بلقي هٿرادو آفتون آهن جيڪڏهن گاج تي ڊيم جو منصوبو مڪمل ٿئي گاج مان پڪا واھون ۽ شاخون نڪرن واهن جي گذر گاهن تي زمينداري ۽ غيرقانوني بند نه هجن ڪاڇي جي روڊن مٿان پلون هجن ته روڊ رستا به محفوظ هجن ۽ ماڻهو به ڇڙواڳ پاڻي جي وهڪرن کان به محفوظ هجن ڪو به جاني يا مالي نقصان به نه ٿئي ڪاڇي جون بنجر بڻيل سوين ايڪڙ زمينون به آباد ٿين پر ان منصوبي لاءِ هر دور ۾ صرف ڳالهيون ئي ٿيون آهن پر عملي طور تي ڪو به ڪم نه ٿي سگهيو آهي گاج ڊيم منصوبو به مڪمل ٿيڻ جو نالو ئي نٿو وٺي ان جا ڪهڙا سبب آهن فنڊن جي کوٽ آهي يا مشينري جي کوٽ آهي يا سرڪار سنجيده ناهي ضرور ڪي ته رڪاوٽون آهن جنهن جي ڪري ڪم مڪمل نه پيو ٿئي پر انهن رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ سرڪار جي ذميواري آهي پر جي سرڪار ئي سنجيده ناهي ته انهن رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ ملڪ جي وڏي مان وڏي عدالت سُپريم ڪورٽ کي پاڻ مُرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ گاج ڊيم جي وڏي منصوبي تي خرچ ٿيندڙ فنڊن جو پڻ جائزو وٺڻ گهرجي ۽ خاص طور تي ڪم جو جائزو وٺڻ گهرجي ڪٿي ائين نه ٿئي ناقص ڪم سبب گاج ويتر ڪو نقصان نه ڪري ۽ انهي نقصان سان وڏو انساني الميو نه جنم وٺي نئين گاج جي تباھ ڪارين کي اگر مستقبل ۾ روڪڻو آهي ته سنڌ سرڪار توڙي ملڪي عدالتن کي هن طرف پاڻ مرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ ضلعي انتظاميا کي فوري طور ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪرڻ گهرجي جيڪي ماڻهو ڳوٺن ۾ گاج جي وهڪري سبب ڦاٿل آهن انهن کي ٻيڙين ذريعي ٻاهر مٿانهين وارن علائقن ڏانهن منتقل ڪرڻ گهرجي جن جا اجھا ڪِري پيا آهن انهن غريب کي ٽينٽون تنبو ۽ راشن فراهم ڪرڻ گهرجي ۽ انهن متاثر ڳوٺن جن جا روڊ رستا ٽُٽي پيا آهن انهن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪرڻ گهرجن ڪاڇي ۾ ڪٿي به ميڊيڪل جون سهولتون ناهن روڊ رستا بند آهن برساتن سبب ڪاڇي ۾ هن مهل گيسٽرو وبائي شڪل اختيار ڪري وئي آهي ٻارڙا گيسٽرو ۾ مبتلا ٿي ويا آهن روڊ رستا نه هجڻ ڪري ماڻهو سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن ڳورهاريون عورتون ويم جون سهولتون نه هجڻ ڪري تڙپي رهيون آهن ڪاڇي ۾ قيامت خيز صورتحال باوجود سنڌ سرڪار اک نه پٽي ڪاڇي جي ٻوڏ متاثرن کي نه ضرورت جون شيون مليون نه ئي وري ميڊيڪل جون ڪئمپون لڳيون ڪاڇي واسي انتظاميا جي بي حسي سبب ڪنهن مسيها جو منتظر آهن سرندي وارن ماڻهن کي به گهرجي ته ڪاڇي جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ وڃي غريب ماڻهن جي سهائتا ڪن ته جيئن ماڻهو تڪليفن کان بچي سگهن

پهنجو تبصرو موڪليو