امن امان جي صورتحال خراب،شهرين جو احتجاج

امن امان جي صورتحال خراب،شهرين جو احتجاج

باڊھ (ن سنڌيار)باڊھ ۾ ڏوهن تي ضابطو اچي نه سگهيو، پوليس شهر ۾ امن امان جي صورتحال بهتر نه ڪري سگهي، چويون ڦريون روز جو معمول، نامعلوم چور ڪمال خان گاڏهي موٽر سائيڪل شوروم تالا ٽوڙي هڪ سولر پليٽ ھڪ 100 واري بيٽري چوري ڪري فرار ٿي ويا، شهرين ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانيل تفصيل موجب باڊھ ۾ امن جو پکي اڏامي ويو، ڏوھ روز جو معمول بڻيل آهن ان ڏس گذريل رات ڦلپوٽا پاڙي مان ڪمال خان گاڏهي جي پٽ ۔موٽر سائيڪل شوروم جا نامعلوم چور دوڪان جا تالا ٽوڙي هڪ سولر پليٽ ۽ 100 واري بيٽري کڻي آساني سان فرار ٿي ويا. پوليس انتظاميا شهر ۾ امن امان جي صورتحال بهتر نه ڪري سگهي. ان موقعي تي شوروم جي مالڪ ڪمال خان گاڏهي جي پٽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل رات نامعلوم چور دوڪان جا تالا ٽوڙي هڪ سولر پليٽ ۽ 100 جي بيٽري چوري ڪري ويا آهن. هنن چيو ته پوليس کي اطلاع ڏنو پر پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي ناهي ڪري سگهي. هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي ڏنو وڃي ٻئي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو