سکر مان گم ٿيل ٻارڙن جي درياءَ ۾ ٻڏڻ جي تصديق ٿي وئي

سکر مان گم ٿيل ٻارڙن جي درياءَ ۾ ٻڏڻ جي تصديق ٿي وئي

سکر(جیرام داس بختیار پوري) ڪوئينس روڊ واري علائقي جي رهواسي ٽن ڀائرن سوڌو گُم ٿيل 6 نينگرن جي سنڌو درياءَ ۾ ٻڏي وڃڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته سي سي ٽي وي فٽيجز ۾ 6 ٻارن سان گڏ درياءَ تي وهنجڻ لاءِ ويندڙ ٻن نينگرن کان پُڇاڳاڇا ڪئي وئي آهي، جِن تصديق ڪئي ته نينگر درياءَ ۾ وهنجڻ لاءِ ويا هئا. نينگر غلام مصطفيٰ ٻرڙو ٻڌايو ته نينگرن درياءَ ۾ وهنجڻ دوران هڪ ٻئي سان اونهي پاڻي ۾ وڃڻ جو شرط لڳايو، جنهن کانپوءِ اُهي هڪٻئي پويان اونهي پاڻي ۾ ويا ۽ ٻڏي ويا. ٻڏي ويل نينگرن ۾ انيس الرحمان جا 3 پُٽ حماد الرحمان، ابتهاج الرحمان ۽ ابتسام الرحمان شامل آهن، جڏهن ته محمد عاصم، محمد قاسم ولد سيد قمر ۽ محمد انس ولد رياض ملڪ ٻڏي ويلن ۾ شامل آهن. سنڌو درياءَ ۾ مقامي ۽ نيوي جي ٽوٻن طرفان ٻڏي ويل نينگرن جي ڳولا جاري آهي، جڏهن ته رائيس ڪئنال ۽ دادو ڪئنال وارن پاسن کان به نينگرن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. نينگرن جا وارث پريشاني ۽ سوڳ ۾ مبتلا آهن، جڏهن ته انتظاميا ۽ پوليس جو چوڻ آهي ته نينگرن جي لاشن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. ياد رهي ته ٻڏي ويل ٻارن جا ڪپڙا ۽ چپل اڳ ۾ ئي هٿ ڪيا ويا هئا. پوليس جو چوڻ آهي ته لاڙڪاڻو ڪینال مان ھڪ ٻار جي لاش ھٿ اچڻ جو اطلاع مليو آهي ان جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو