آديش ڪمار بازياب،وارثن حوالي

آديش ڪمار بازياب،وارثن حوالي

راڻيپور(ن سنڌيار ) راڻيپور شھباز ڪالوني مان سورھن ڏينھن اڳ اغوا ٿيل معصوم نيگر آديشڪمار بازياب شھرين پاران ايس ايس پي خير پور ملک ظفراقبال ۽ ايس ايڇ او عبدلجبار ميمڻ راڻيپور کي گلن جا ھار پارايا ويا رپورٽ موجب سورھن ڏينهن اڳ راڻيپور مان اغوا ٿيل آديشڪمار خيرپور پوليس جي ڪوشش سان بازياب ڪرائي سندس والدين حوالي ڪيو ويو آديشڪمار جي بازيابي جي خبر ٻڌندي شھر ۾ خوشي جي لھر ڇائجي وئي ينگ ايجوڪيشنل چوھاڻ فورم جو سرواڻ ظفر چوھاڻ سول سوسائٽي جو صدر قلندر بخش ڄامڙو۔ دڪاندار ايسوسئيشن جي اڳواڻ سيد ممتاز حسين شاھ استاد شوڪت گھانگھرو ۽ ٻين پاران ايس ايس پي خيرپور ملک ظفراقبال ايڇ او راڻيپور عبدلجبار ميمڻ مٿان گلن جي ورکا ڪئي ۽ مٺائي تقسيم ڪئي وئي ان موقعي تي ايس ايس پي خيرپور ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته في الحال ڪو به واضع موقف نٿو ڏئي سگهجي ڇو ته معصوم وڏي ڪوشش سان بازياب ڪرائي والدين تائين پھچايو آهي جلد ھڪ پريس ڪانفرنس سڏائي اغوا ڪارڻ ۽ سندن سھولت ڪارن کي ميڊيا اڳيان وائکو ڪنداسين جڏهن ته شھرين پاران خيرپور پوليس جي ڪاميابي تي کين مبارڪون ڏنيون ويون۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو