اسلام آباد (بيورو) ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل گهي ۽ تيل سستو ڪرڻ جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي آهي.ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ عالمي سطح تي گيهه ۽ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي تي غور ڪيو ويو.ان موقعي تي مفتاح اسماعيل سستو گھي ۽ تيل جي خوشخبري ٻڌائيندي چيو ته عالمي سطح تي گهي جي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي سان پاڪستان ۾ اٽو هڪ سئو پنجاهه رپيا سستو ٿي ويندو ۽ اٽو به سستو ٿيندو.اقتصادي رابطا ڪميٽي صنعتن ۽ پاور پلانٽس لاءِ گئس جي اگهن ۾ گهٽتائي جي به منظوري ڏني.










