ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان هلڪي ۽ تيز برسات جو سلسلو جاري آهي جنهن ڪري موسم خوشگوار ٿي وئي آهي. سنڌ جي راڄڌاني واري شهر جي مختلف علائقن اورنگي ٽائون، شارع فيصل، گلشن اقبال، ناظم آباد، ملير، سعدي ٽائون نيول ڪالوني، صدر، گارڊن، آءِ آءِ چندريگر روڊ ۽ ٻين علائقن ۾ وقفي وقفي سان هلي ۽ تيز برسات ٿي رهي آهي.برسات سبب ڪراچي جي موسم خوشگوار ٿي وئي آهي، ۽ گرمي جو زور ٽٽي ويو آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته عربي سمنڊ ۾ چوماسي جون هوائن جي اثر هيٺ ڪراچي، دادو، ڄامشوري، حيدرآباد، نواب شاهه، جيڪب آباد ۽ قبر شهدادڪوٽ ۾ ست جولاءِ تائين گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ اڄ شام يا رات جي وقت ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي










