لاهور ( ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مقامي عدالت طرفان دعا زهرا جي ميڊڪل لاءِ بورڊ جوڙڻ ۽ ڪيس جي وڌيڪ جاچ جي حڪم کانپوءِ ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي سامهون آئي آهي. جاچ ذريعن جو چوڻ آهي ته عدالتي حڪم تي عمل ڪندي سنڌ پوليس دعا زهرا کي ڪراچي منتقل ڪرڻ لاءِ لاهور پهچي وئي آهي. ذريعن موجب سنڌ جي گهرو کاتي دعا زهرا کي ڪراچي منتقل ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي، لاهور جي لاڳاپيل پوليس ۽ اختيارين جي اجازت کانپوءِ دعا زهرا کي ڪراچي منتقل ڪيو ويندو.










