معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ زرداري، شريف خاندان ٻاهر پيل پئسا واپس آڻين: عمران خان

معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ زرداري، شريف خاندان ٻاهر پيل پئسا واپس آڻين: عمران خان

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ جو واحد رستو آصف علي زرداري ۽ شريف خاندان وٽ آهي ته اهي اڌ پئسا واپس وٺن. آن لائن پريس ڪانفرنس دوران اڳوڻي وزيراعظم ملڪ ۾ بجلي جي بحران تي ڳالهايو ۽ اتحادي حڪومت تي تنقيد ڪئي. عمران خان چيو ته اسان جي حڪومت ۾ اهڙي لوڊشيڊنگ نه هئي، هاڻي ڪيئن ٿي؟ توهان سازش ڪئي، هاڻي چئو ٿا ته سڀ ڪجهه پي ٽي آءِ ڪيو آهي.هن چيو ته قيمتون وڌائڻ جو دٻاءُ ڪورونا دوران به هو، جڏهن ته وبا دوران پاڪستان سستو ملڪ هو، اسان تي به دٻاءُ هو پر قيمتون نه وڌايون. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ن ليگ سان پاور پراجيڪٽ تي معاهدو ٿيو هو، ان باوجود اسان بجلي جي قيمتن ۾ واڌ نه ٿيڻ ڏني. هن اهو به چيو ته ن ليگ جي حڪومت امپورٽ فيول تي پاور پلانٽ لڳايا، هاڻي بجلي پيدا نه ٿي رهي آهي ۽ ڪيپيسي چارجز جي مد ۾ پئسا ڏنا پيا وڃن. عمران خان چيو ته هي حڪومت معيشت کي سنڀالي نه رهي آهي ۽ قيمتون ڪنٽرول ۾ ناهن، هو سمجهن ٿا ته ظلم ۽ تشدد سان ئي عوام قابو ٿيندو.چيئرمين پي ٽي آءِ چيو ته حڪومت کي وضاحت ڪرڻي آهي ته بحران سازش ذريعي ڇو پيدا ڪيو ويو، اسان روس کان تيل وٺڻو هو، هنن سازش ڪئي ۽ عدم استحڪام پيدا ڪيو، ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ جي سندن نيت ۽ صلاحيت نه هئي.اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته مون شوڪت ترين کي چيو هو ته نيوٽرل کي ٻڌايو ته سياسي بحران پيدا ٿيندو. هن چيو ته حڪومت ۽ جمهوريت لٺين سان نه پر اخلاقي قوت سان هلندا آهن. سمورن شهرن ۾ ماڻهن کي چيو پيو وڃي ته هو پرامن احتجاج ڪن.پنجاب جي سياسي صورتحال تي ڳالهائيندي عمران خان چيو ته پنجاب ۾ حمزا جي غير قانوني حڪومت رهي.هن اهو به چيو ته عدالت کيس مخصوص سيٽن تي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، پنجاب ۾ لڳي ٿو ته حمزه ابڙو اقتدار ۾ نه رهندو.عمران خان چيو ته سياستدان رڍن ۽ ٻڪرين وانگر خريد ڪيا ويندا آهن، پنجاب جي ضمني چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو