افغانستان ۾ زلزلو: طالبان پاران  منجمد اثاثن جي بحالي جو مطالبو

افغانستان ۾ زلزلو: طالبان پاران منجمد اثاثن جي بحالي جو مطالبو

ڪابل (ويب ڊيسڪ)افغانستان ۾ تباهي واري زلزلي جي نتيجي ۾ طالبان ملڪ جا منجمد اثاثا بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.افغان پرڏيهي وزارت جي ترجمان عبدالقهار بلخي پرڏيهي خابرو اداري کي ٻڌايو ته اسلامي امارت مطالبو ڪيو آهي ته افغانين کي سندن بنيادي حق ڏنا وڃن.ترجمان چيو ته پابنديون هٽائي افغانين کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي ۽ افغان اثاثا منجمد ڪيا وڃن. ياد رهي ته 21 ۽ 22 جون جي وچ واري رات افغانستان ۾ 6.1 شدت جو زلزلو آيو، جنهن ۾ 1000 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا، 2000 کان وڌيڪ زخمي ٿيا ۽ هزارين بي گهر ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو