قومي اسيمبلي عوام جي جذبن ۽ احساسن جي ترجماني ڪندي: مريم اورنگزيب

قومي اسيمبلي عوام جي جذبن ۽ احساسن جي ترجماني ڪندي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد ( بيورو) سڌ سماءُ واري وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ناموس رسالت جي معاملي تي اسپيڪر طرفان بحث ڪرائڻ واري فيصلي جي آجيان ڪيون ٿا.پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته قومي اسيمبلي عوام جي جذبن ۽ احساسن جي ترجماني ڪندي.مريم اورنگزيب چيو ته دنيا جا مسلمان متحد آهن، پاڪستان ان معاملي تي هڪ آواز آهي.سڌ سماءُ واري وزير چيو ته دنيا جي مسلمانن کي گڏجي گستاخن ۽ بدزبانن خلاف قدم کڻڻا پوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو