اسلام آباد(بيورو)مري پيٽروليم اتر وزيرستان جي بنون ويسٽ بلاڪ ۾ تيل ۽ گئس جا ذخيرا دريافت ڪيا آهن.ترجمان مري پيٽروليم جو چوڻ هو ته اتر وزيرستان ۾ تيل ۽ گئس جي اها پهرين دريافت آهي جنهن ۾ 25 ايم ايم سي ايف ڊي گيس ۽ 300 بيرل تيل روزانو دريافت ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب نئين دريافت سان تيل ۽ گئس جي طلب کي پورو ڪرڻ ۽ ملڪ جي هائيڊرو ڪاربن جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيندو، جڏهن ته مقامي وسيلن جي دريافت سان پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ به بچت ٿيندي.










