گهوٽڪي ويجهو روڊ حادثو،5 مسافرفوت،20 زخمي

گهوٽڪي ويجهو روڊ حادثو،5 مسافرفوت،20 زخمي

سرحد(رپورٽر) سرحد ڀرسان موٽروي تي مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿي پئي پنج مسافر فوت 20 زخمي، پوليس مٿان فوتين ۽ زخمين جا پئسا چوري ڪرڻ ڪو الزام، خبرموجب سرحد ڀرسان سکر ملتان موٽروي تي فتح پور وٽ 456 لوڪيشن تي آزاد ڪشمير کان ڪراچي ويندڙ ڪوچ تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ رحيميار خان واسي ذوالفقار، ساهيوال واسي ذيشان، ميان چنون واسي صادق مسيح، مورو واسي قربان ڀٽي سميت 5 مسافر اجل جو شڪار ٿي ويا ان کان علاوهه فريد احمد ڀٽو، نديم احمد، شاه بخش، رضوان، شاهزين، ممتاز خاتون، عبدالوهاب، قيصر علي، محمد سهيل، ناياب خاتون، سعيد انجم سميت 21 مسافر زخمي ٿي پيا واقعي بعد فوتين جا لاش ڪيترائي ڪلاڪ واقعي واري هنڌ پيل رهيا ۽ زخمي به ڪيترائي ڪلاڪ تڙپندا رهيا، بروقت اطلاع ڏيڻ جي باوجود به موٽروي پوليس ۽ سرحد پوليس دير سان پهتيون، جنهن بعد فوتين ۽ زخمين کي موٽروي ۽ سرحد پوليس ريسڪيو ڪري علاج لاء گهوٽڪي سول اسپتال منتقل ڪيو جتي ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ تي کين سکر ۽ رحيميار خان منتقل ڪيو ويو، ۽ ٻين زخمين جو علاج گهوٽڪي سول اسپتال ۾ ڪيو ويو، هوڏانهن فوتي مسافر قربان ڀٽي جي ڀاء منظور ڀٽي ۽ ڀورل ڀٽي دانهيندي ٻڌايو ته منهنجي ڀاء قربان ڀٽي وٽ ساڍا 3 لک رپيا روڪ رقم هئي جيڪا ريسڪيو دوران موٽروي پوليس ۽ سرحد پوليس ڪڍي ورتي آھي هن چيو ته بنا دير رقم واپس ڪئي وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ عدالت جو در کڙڪايو ويندو،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو