اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو آهي ته چونڊون ڪڏهن ڪرائڻ جو فيصلو ايوان ڪندو.پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف چيو ته عمران خان ڀل ۾ نه رهو، ڳالهين جا دروازا کليل آهن، پر جيڪڏهن توهان سوچيو ٿا ته توهان بليڪ ميل ڪندئو ته پوءِ پنهنجي گهر ۾ وڃي ڊڪٽيٽ ڪريو،ايوان کي ڊڪٽيٽ نه ڪيو وزيراعظم شهباز شريف پي ٽي آءِ چيئرمين کي سڌو پيغام ڏئي ڇڏيو. قومي اسيمبليءَ ۾ پنهنجي خطاب ۾ شهباز شريف چيو ته هو جٿي جي قائد کي واضح ڪرڻ چاهي ٿو ته اوهان جي ڊڪٽيشن ڪم نه ايندي، هي ايوان فيصلو ڪندو جڏهن چونڊون ٿيڻيون آهن،ڳالهه اليڪشن جي آهي ته ايوان ۾ اچو ،هڪڙو صوبو وفاق تي حملو ڪيو ڪڏهن ڪنهن اهو ٻڌو؟مان نه مڃان پوءِ وري بندوق کڻان سياستدان ائين ناهن ڪندا،جيڪو اسلحو لاهور ۾ پڪڙيو ويو اهو اسلام آباد اچڻو هو، سرعام چيو ويو ته ڊي چوڪ اينداسين،شهباز شريف چيو ته جٿي کي اسلام آباد نه اچڻ ڏنو وڃي ها. آصف زرداري، فضل الرحمان ۽ ٻين اتحادين کي فيصلو ڪرڻو پوندو.وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اليڪشن ٿيندي ته پارليامينٽ ۾ ڳالهايو، اسان مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، هن حڪومت جو مدو هڪ سال ٻه مهينا آهي، مشڪلاتون آهن، چئلينجز به آهن پر انهن کي حل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون، اسان پاڪستان کي عظيم بڻائڻ لاءِ وڙهنداسين. هن چيو ته ڳالهه ٻولهه اعليٰ حوصلي جو اظهار ۽ سياستدانن جو اعليٰ هٿيار آهي، ڳالهين لاءِ دروازا کليل آهن، مان به ڪميٽي ٺاهي سگهان ٿو.










