ڏوھ ڇو ٿا ٿين ۽ انهن جو ڪير ذميوار آھي؟

ڏوھ ڇو ٿا ٿين ۽ انهن جو ڪير ذميوار آھي؟

طفيل مگسي
دنيا جي هر قوم پنهنجي پنهنجي نظريي سان زندگي گهاري رهي آھي ۽ ان نظريي تي عمل پڻ ڪري ٿي.هر ملڪ جا ادارا به آھن ۽ اھلڪار به آھن.جتان کان هڪ فرد ڪم ڇڏي وڃي ٿو ته اتان ئي نئون اچڻ وارو فرد ان کي اڳتي وڌائڻ جي جستجو ڪري ٿو.ملڪن جون پاليسيون جوڙيون وڃن ٿيون.۽ انهن تي سچي دل ۽ نيڪ نيتي سان عمل پڻ ڪيو وڃي ٿو.ملڪي عوام جنهن کي غلام نه بلڪ ملڪ جو شھري سمجهندي ان جي بقاء جي لاء ڪم ڪيو وڃي ٿو.۽ وڏا وڏا اڳواڻ هڪ نارمل انسان جيان زندگي گهارين ٿا ۽ پنهنجي انرجي ملڪي سالميت جي تحفظ تي لڳائي ڇڏين ٿا.۽ سر تي سر رکن ٿا ۽ ڀت هڪ وڏي عمارت جي نقشي ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي.پنهنجي چادر ۾ رھي ڪري ترقي جي لاء قومون پنهنجا مثال ڇڏين ٿيون ۽ ٻين جي مدد ۾ پهرين صف ۾ جڳھ ٺاھين ٿيون.۽ پنهنجي نظام زندگي جو ٻين کي عاشق بڻائي ڇڏين ٿيون.ليڪن جي ڀيٽ ۾ جيڪڏھن اسان پنهنجي وطن جي منظرڪشي ڪيون ٿا ته جن ماڻھن هن ملڪ کي ٺاھڻ جي اڻٿڪ محنت ڪئي.انهن سان ملڪ جي مير جعفر ۽ مير صادق ٽولن جيڪي ڪجه ڪيو آھي.اهو تاريخ جو هڪ باب بڻجي ويو آھي.ڪمزور سياست ۽ ڪرپٽ سياستدانن جي سبب کان اسان جو ملڪ باقي ٻين دنيا جي ملڪن کان نهايت پٺتي آھي.ادارن جو اڏوهي کاڌل کوکلو نظام ان جو چٽو ثبوت آھي من پسند شخصي نظام جي سبب کان ترقي لوڪل ٽرين جيان آھي.جيڪڏھن هڪ حڪومت ڪنهن قسم جو رستو يا پائيپ لائين وڇائي ٿي ته ٻي حڪومت اهي ئي ادارا انهن رستن ۽ پائيپ لائينن کي رد ڪري نمين سر ٺاھڻ جي ڪوشش ڪندا آھن ته جيئن ڪميشن ٺھي سگهي.ڪڏھن تبديلي جي نالي تي.ته ڪڏھن ملڪ سنواريو جي نالي تي ته ڪڏھن ملڪ جو سرچشمو عوام جي نالي ملڪ جي دولت ھڙپ ڪري مهانگائي جي نالي تي عوام مهانگائي جو پهاڙ ڪيرائڻ وارن ماڻھن جي لاء سواليا نشان آھي ته رپيو اونهي کڏ ۾ ھليو ويو آھي ۽ نهادت ئي ڪمزور ۽ ڏٻرو ٿي چڪو آھي.مهان چور.ڌاڙيل۽ ڏوهاري قسم.جا ماڻھو ملڪ جي وزارتن تي ٽيڪيا ويٺا آُن.جڏھن ته خلائي مخلوق کين کي چپ چاپ ڏسندي رهي ٿي.ڇاڪاڻ ته خلائي مخلوق کي پنهنجو حصو پتي کپي.پوء چاهي ملڪ ناڙ ٿيئي يا تباه ٿيئي.
ڪرپٽ ۽ ڏوهاري قسمن جي ماڻھن ۽ خلائي مخلوق جي ڪوتاهين جي ڪري ملڪ هن وقت سرينلڪا ۽ ايثوپيا وارا ڏيک ڏئي رهيو آھي.جتي نهبپاليسي آھي۽ نه ئي ڪو نظريو وغيره آھي.اسلامي جهموريا پاڪستان جي نالي تي ٺھڻ واري ملڪ جي اندر جهاتي پائي ڏسو ته رنگين مڇيون عياشي جي سمنڊ ۾ ترنديون اهڙو عجيب نظارو پيش ڪن ٿيون ته جيڪو خواهشن کي هڪ ٽريڪ ڏانهن وٺي وڃڻ تي مجبور ڪري ٿو،ڇا زندگي جو اهڙو نظام اسلامي تعليمات جو مظھر آھي؟ جي نه ته پوء اھو ڪهڙو نظام آھي.جنهن ۾ ٻاويه ڪروڙ عوام جو مسقبل بلڪل اونداهو آھي.جڏھن ته چند خاندانن جو راڄ آھي.ڇا هي ملڪ خداد پاڪستان فوجي ڪالوني آھي يا جاتي امراء زردارين.نازين ۽ شريفن ۽ اھڙن ڪيترن ئي وڏيرن جي لونڊي آھي ۽ ۽ انهن جي منشين جي لاء روزي روٽي آھي. يا پوء آزاد ملڪ آھي.هتي نه ڪنهن جي عزت سلامت آھي.غريب وڪرو ٿي رهيا آھن.اميرن جي ڪتن کان غريبن جي ٻارڙن جي زندگي بدترين آھي ۽ ان جو ڪير ذميوار آھي.؟ڇا بيوقوف ايجنسين جي سالن جي محنت رنگ لاتو؟ڪشمير جي نالي تي سياست کان ڪو فائدو ٿيو؟ ڊالر ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي آھي ۽ رپيي جي قيمت ٽڪي واري به ناهي.۽ ھن ملڪ جو اصل والي ۡ۽ وارث مزدور ۽ پورهيت چونڪن يا چراهن تي ويهي ڪري پنهنجن ٻارڙن جي لاء ھڪ وقت جي ماني جي لاء پريشان آھي.پوء جيڪڏھن اهڙي نظام ۾ ڏوھ وڌن ٿا ته ان جو ذميوار ڪير آھي؟ رياست.نام نهاد سياستدان يا انگريزي سرڪار جو 74 سالن کان نافذ ڪيل قانون؟؟؟

پهنجو تبصرو موڪليو