لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي ادارا بلوچستان جي ضلعي شيراني ۾ لڳل باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ فوري قدم کڻن، هيلي ڪاپٽرن جو فوري بندوبست ڪيو وڃي، متاثر خاندانن کي تعليم ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن لاهور ۾ بلوچستان جي ضلعي شيراني ۾ پائن جي جنگل ۾ لڳل باهه جي حوالي سان هڪ هنگامي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير خواجه محمد آصف، مولانا عبدالواسع، مريم اورنگزيب، چيئرمين اين ڊي ايم اي، ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا، چيف سيڪريٽري بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۽ لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي سيڪريٽريز وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي بلوچستان جي جنگلن ۾ لڳل باهه بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 12 مئي تي لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو هو پر 20 مئي کان گرم ۽ خشڪ موسم سبب باهه ٻيهر پکڙجڻ شروع ٿي وئي. اين ڊي ايم اي ان سلسلي ۾ مختلف وفاقي حڪومتي ادارن، ٻيلن ۽ لوڪل گورنمينٽ کاتي ۽ پي ڊي ايم سي سان مسلسل رابطي ۾ آهي. اين ڊي ايم اي امدادي ڪيمپون ۽ آفيسون قائم ڪري ڇڏيون آهن ۽ امدادي ڪم تيز ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ان موقعي تي بلوچستان جي وڏي وزير اجلاس کي ٻڌايو ته صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ وڌيڪ قدم کنيا پيا وڃن، باهه تي گهڻي حد تائين ڪنٽرول ڪيو ويو آهي. هن اجلاس کي حادثي ۾ جاني نقصان ۽ انهن جي لاءِ حڪومت طرفان کنيل امدادي قدمن کان به آگاهه ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته وفاقي ۽ صوبائي ادارا بلوچستان جي ضلعي شيراني ۾ لڳل باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ فوري قدم کڻن. هن باهه لڳڻ سبب ٽن قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ ۽ 4 ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته بدقسمتي سان اسان جو ملڪ اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل وسيلا ۽ ماهرن جي کوٽ نه آهي پر مون کي اميد آهي ته لاڳاپيل صورتحال تي ضابطو آندو ويندو. کاتن ۽ فوج جي گڏيل آپريشن ذريعي گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي ٻيلن جي حفاظت لاءِ احتياطي اپاءَ ورتا ويندا ۽ ان حوالي سان وفاقي حڪومت سان رابطا يقيني بڻايو ويندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ هيلي ڪاپٽرن جا فوري انتظام ڪيا وڃن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته حادثي ۾ مارجي ويلن جي خاندانن کي تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي فراهمي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته باهه تي ضابطو آڻڻ ۽ امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ لاءِ قائم ٽاسڪ فورس ضروري قدمن کي يقيني بڻائي.










