اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري جي گرفتاري خلاف حڪم جاري ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ گهرو سيڪريٽري کي حڪم ڏنو آهي ته مزاري کي اڄ رات 11.30 وڳي پيش ڪيو وڃي. حڪم نامي ۾ گهرو سيڪريٽري، آءِ جي اسلام آباد ۽ ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. عدالت چيو ته پيش ٿي ٻڌايو ته بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ڇو ڪئي وئي. ان حوالي سان اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.










