اي اي عباسي
پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ تي نوجوانن ۾ تمام گهڻو ٽئلنٽ ذهانت موجود آهي، جنهن ڪري اهي ڪميشن پاس ڪري وڏا وڏا آفيسر ٿي پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ جي خدمت ڪري رهيا آهن، سنڌي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ جيڪي اڳ ۾ چوندا هيا ته اهي ميرٽ اهليت جي بنياد تي امتحان ڏيڻ جي قابل ۽ لائق ناهن، انهن کي هاڻي وڏي نه صرف حيرت ٿي رهي آهي پر اهي واتين اڱريون ڏيئي اچرج ۾ اچڻ لڳا آهن، سنڌ جو شعور ملڪان ملڪ مشهور آهي ۽ گذريل ڪجهه سالن کان اڃان به وڌيڪ اسان جا نوجوان ڪميشن جي امتحانن جي تياري ڪرڻ لڳا آهن، جنهن ۾ سي ايس ايس ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي تياري لاءِ غريب مسڪين پورهيتن جي اولاد وڏي محنت، جستجو، لگن ۽ هوشياري سان ڏينهن رات محنت ۽ امتحانن جون تياريون ڪندي الله جي ڪرم سان امتحان پاس ڪري رهيا آهن، جيئن سال 2019ع ۾ سڄي سنڌ جي نوجوانن حيدرآباد ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏنو، جڏهن ته اڳ ۾ ڊسٽرڪٽ وائيز اهي امتحان به ٿيندا رهيا پر شايد پهريون ڀيرو ئي حيدرآباد ۾ امتحان ورتا ويا، جنهن جو نتيجو دير سان ئي سال 2021ع ۾ پڌرو ڪيو ويو ۽ انهن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاس پاس ٿيندڙ نوجوانن کي اڃان تائين يعني چار سال گذرڻ باوجود به آفر آرڊر نه ملي سگهيا آهن، اهي محنتي، هوشيار، ٽئلنٽيڊ نوجوان شاگرد توڙي شاگردياڻيون مسلسل گذريل چئن سالن کان روز انهيءَ انتطار ۾ آهن ته اسان کي ڪڏهن ٿو پنهنجي محنت جو ڦل ملي پر سنڌ حڪومت پنهنجي هوڏ تي قائم رهندي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين وغيرهه کي رکڻ نه رکڻ توڙي ٻين هروڀرو جي معاملن ۾ نوجوانن جي ٽئلنٽ کي ضايع ڪرڻ لاءِ حربا استعمال ڪري رهي آهي، جڏهن ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاس نوجوانن ۾ سنڌ حڪومت پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ ڊي ايس پيز جا آرڊر ڪڍيا آهن، باقي ٻين کاتن ڊپارٽمينٽ جي اندر ڪميشن پاس نوجوانن جا آفر آرڊر به نه ڪڍڻ بد نيتي ظاهر ڪري ٿو، جڏهن ته حڪومت سنڌ کي فوري طور تي جيئن ئي سال 2019ع ۾ امتحان پاس ڪندڙ نوجوانن جو نتيجو سال 2021 ع بجاءِ 2020ع ۾ ڪڍيو وڃي ها ۽ انهن کي 2020ع ۾ ئي نوڪرين تي لڳايو وڃي ها ته انهن محنتي هوسيار ۽ زهين نوجوانن جي هن وقت سينارٽي چار سال ٿي وڃي ها پر هن وقت تائين انهن کي روزگار تي ئي نه لڳايو ويو آهي ؟، هر ذي الشعور سمجهدار ماڻهو جيڪو هن خطي ڌرتي تي رهي ٿو انهي کي بخوبي ڄاڻ آهي ته هن سنڌ ۾ ڊاڪٽرن جي اسپتالن ۾، اسڪولن ۾ استادن جي، ڪاليجن ۾ ليڪچرارن، يونيورسٽين ۾ پروفيسرن جي ڪيتري اشد ضرورت آهي، چٽا ڀيٽيءَ جا امتحان پاس ڪندڙن کي به جيڪڏهن حڪومت تڙپائي تڙپائي نوڪريون ڏيندي ته پوءِ اندازو ڪريو ته باقي ٻين پڙهيل لکيل نوجوانن کي ڪيڏن ڪشالن مان گذرڻو پوندو، خدارا پڙهيل لکيل ذهين شاگردن ۽ شاگردياڻين جي شعور ساڃاهه سان نه کيڏيو وڃي، جتي اسان جي سنڌ جي ماڻهن کي بار بار اهي طعنا ڏنا ويندا هيا ته سنڌي ماڻهو ڪاهل سست ۽ نا اهل آهن، انهن حاسدي ماڻهن لاءِ اهو جواب ڪافي آهي ته اسان جي سنڌ جا نوجوان هاڻي عملي طره پنهنجي بهتر مستقبل سنوارن لاءِ عملي ميدان ۾ سي ايس ايس ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن سان گڏ ٻين وڏن وڏن اعليٰ عهدن تي اچڻ لاءِ وڏي انگ ۾ امتحان پاس ڏندين اڱريون ڏيئي رهيا آهن ۽ ڪلهه تائين جي جيڪي سنڌ جي شعور تي تنقيد ۽ ٺٺوليون ڪندا هيا اهي ساڳيا ماڻهو واهه واهه ڪري انهن کي ويلڪم ڪري رهيا آهن ، جنهن ڪري سنڌ جو شعور ( سنڌ جا نوجوان ) هاڻي ملڪ جي گادي واري شهر اسلام اباد توڙي راولپنڊي، لاهور، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان، سيالوڪوٽ، فيصل آباد، ڪراچي، ڪوئيٽا، پشاور ۽ ٻين شهرن ۾ وڏن وڏن اعليٰ سرڪاري عهدن تي ملڪ جي ترقي، بهتري لاءِ خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا آهن. سنڌ جي شعور کي مذاق نه سمجهو، سنڌ جي شعور وارن نوجوانن ۾ ننڍي ننڍي عمر وارا جيئن چئجي ته ڇوڪرا هجن اهي ڪميشن پاس ڪري وڏن عهدن ڊپٽي ڪمشنر، اسسٽنٽ ڪمشنر، ايس ايس پي سميت ٻين عهدن تي پنهنجي قومي ساڃاهه رکندي پنهنجي طبقي يعني غريب پورهيت محنت ڪش ماڻهن جي خدمت ڪري رهيا آهن، تنهن ڪري حڪومت سنڌ کي گهرجي ته اها فوري طور تي چئن سالن کان انتطار ۾ ويٺل ڪميشن پاس نوجوانن کي نوڪرين تي لڳائڻ لاءِ آفر آرڊرس جاري ڪن ته جيئن انهن جي والدين جي چهرن تي به خوشيءَ ڇانئجي وڃي ۽ اهڙي طرح ئي هن سنڌ جي شعور ٽئلنٽ مان سنڌ جا ماڻهو فائدو حاصل ڪري سگهن. نه ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاس نوجوانن ۾ هروڀرو جي مايوسي پنهنجي پوري سماج لاءِ هڪ وڏي ٽريڊي ليکي ويندي ۽ ڪاپاري ڌڪ سمجهيو ويندو، هڪ طرف چيو وڃي ٿو ته سنڌ جا نوجوان ڪميشن جي امتحان ۾ ويهن نٿا، جيڪڏهن ويهن ٿا ۽ امتحانن ۾ پاس به ٿين ٿا ته انهن کي فوري طور تي نوڪرين تي لڳائيڻ بجاءِ روز بروز جا ٽال مٽول ۽ بهانا ڪرڻ حڪومت جي ڪميشن پاس نوجوانن سان کليل مذاق چئجي يا وري ڪو رهيل ڪو حساب ڪتاب ؟، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمينن، ٻين عهدن تي رهندڙن جي لاءِ مختلف وقتن ۾ بار بار اجايا يا سجايا اعتراز ٿيندا رهن ٿا پر آخر ڪار ڪميشن پاس ڪندڙ نوجوانن جو ڪهڙو قصور ۽ ڏوهه جو اهي پنهنجي روزگار نٿا لڳايا وڃن جڏهن ته انهن کان هر طرح جو امتحان مڪمل فارملٽيز ورتيون ويون آهن ته باقي آخر ڪار ڪهڙي پهاڙ کوٽرائڻي آهي انهن ڪميشن پاس نوجوانن کان جو انهن کي 2019ع ۾ امتحان وٺڻ باوجود چار سال گذري وڃڻ کان پوءِ به نوڪرين جا آرڊر نٿا ڏنا وڃن. اميد ته انهي سلسلي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس جناب احمد علي شيخ صاحب، وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه صاحب، چيف سيڪريٽري سنڌ، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاس هنن مستقبل جي عظيم ذهنن جي ذهني صلاحيتن مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ فوري طور تي نوڪرين جا آرڊرس جاري ڪندي سنڌ کي بهترين ذهين صلاحيتن سان ڀرپور نوجوانن کي پنهنجي ٽئلنٽ ميرٽ مطابق اعليٰ عهدن تي مقرر ڪري نه صرف انهن جي والدين جي خوشين ۾ اضافو آڻيندا پر سنڌ جي اندر ميرٽ اهليت جي مطابق ٿيندڙ آفيسرز سان سنڌ جي سنوارڻ ۾ هڪ قدم اڳتي اچي سنڌ کي بهتر روايتن تي قائم ڪندي ادارن ۾ خوش آئند پيش قدميءَ کي ويلڪم ڪرڻ جو عمل جاري رکيو وڃي. جنهن سان سنڌ جي شعور جون صلاحيتون اڃان به وڌيڪ اجاگر ٿي سگهن ٿيون ۽ ايندڙ وقت ۾ اهي شعوري نوجوان پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ ملڪ پاڪستان لاءِ بهتر خدمتون سرانجام ڏيئي سگهن ٿا.










