راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان جا 2 دهشتگرد مارجي ويا. پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب 16 ۽ 17 مئي جي وچ واري رات اتر وزيرستان جي علائقي بويا ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن دوران فورسز جي جوابي فائرنگ ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فورسز جي فائرنگ ۾ مارجي ويل دهشتگرد انتهائي گهربل هئا، جن جي سڃاڻپ ڪمانڊر راشد عرف جابر ۽ عبدالسلام عرف چمٽو جي نالن سان ٿي.آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد علائقي ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث هئا، جڏهن ته سندن قبضي مان هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.










