قطارون نه لڳايو، اڄ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت نه وڌندي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ناني واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته اڄ پيترول ۽ ڊيزل جي قيمت نه وڌندي، عوام کي گهرجي ته هو پيٽرول پمپن تي قطارون نه لڳائين. اهڙو اعلان هن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو. هن چيو ته عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمت وڌي پئي ۽ اڳتي هلي ٿي سگهي ٿو ته اسين قيمت وڌايون پر اڄ نه وڌائينداسين. هن چيو ته تيل جي قيمت وڌائڻ جي سمري آئي اهي پر اڄ قيمت نه وڌندي. مفتاح اسماعيل چيو ته الله جو شان آهي ته اسد عمر معيشت جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، اوهان معاشي صورتحال کي خطرناڪ حد تائين پهچايو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ مفتاح اسماعيل اسد عمر جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ۾ چيو ته جڏهن اسان حڪومت ڇڏيا ته پاڪستان ڪڻڪ ۽ کنڊ ايڪسپورٽ ڪري رهيو هو.مفتاح اسماعيل چيو ته اسد عمر اوهان جي حڪومت کنڊ ۽ ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ شروع ڪئي، پي ٽي آءِ حڪومت 1983-84 کان پوءِ ڪپهه جي سڀ کان گهٽ پيداوار هئي.وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت گذريل 71 سالن ۾ ورتل قرضن جو 80 سيڪڙو قرض ورتو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ سڀ کان وڌيڪ وارداتون ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو