اسلام آباد(بيورو)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان پنهنجي شڪست ڏسي پيٽرول تي غير قانوني سبسڊي ڏني.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته جڏهن هو حڪومت ڇڏي ويو ته هڪ ڊالر 189 رپيا هو. عمران خان غيرقانوني سبسڊي ڏئي عوام سان دوکو ڪيو.هن چيو ته عمران خان آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيو هو، جڏهن خبر پئي ته هو خسارو ٿي رهيو آهي، پيٽرول تي غير قانوني سبسڊي ڏني، عمران خان غيرقانوني سبسڊي ڏئي عوام کي ڌوڪو ڏنو.سڌ سماءَ واري وزير چيو ته اسان عوام کي عمران خان جي معاشي تباهي کان بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، موجوده مهانگائي اصل ۾ عمران خان جي ڪري آهي.هن وڌيڪ چيو ته جيڪي ٻين تي آڱريون اٿاريندا آهن اهي خيبرپختونخواهه حڪومت جو هيلي ڪاپٽر استعمال ڪري سندن جلسن ۾ شرڪت ڪندا آهن.










