اسلام آباد(بيورو)پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو آهي ته بي اعتمادي واري رٿ جي هڪ ڏينهن اڳ مون ڏانهن پيغام آيو ۽ مون کي ڌمڪيون ڏنيون ويون، هڪ ڏينهن اڳ فوري اليڪشن يا مارشل لا جي ڌمڪي ڏني وئي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بي اعتمادي واري رٿ جي هڪ رات اڳ مون کي پيغام موڪليو ويو ۽ ڌمڪيون ڏنيون ويون. هن چيو ته اسان اهي غير جمهوري قوتون نه آهيون جيڪي پهريان چوندا هئا احتساب ۽ چونڊون، اسان پوليٽيڪل انجنيئرنگ تي يقين نه ٿا رکون، اسان اڳ به سڌارن جو مطالبو ڪري چڪا آهيون، اسان جمهوري قوتون آهيون ۽ شفاف چونڊون چاهيون ٿا، هن چيو ته اسان اڳ ۾ ئي مطالبو ڪيو آهي ته اسان چونڊون ڪرايون. سڀ کان پهريان چونڊ سڌارا آڻينداسين، اها پيپلز پارٽي جي واضح پاليسي آهي.بلاول ڀٽو چيو ته اڳوڻي حڪومت جمهوري مقابلي کان ڀڄندي جمهوريت تي حملو ڪيو، هي ايوان ان معاملي تي ڪيئن خاموش رهي سگهي ٿو، تاريخ ۾ به آئين کي ڪاغذ جو ٽڪرو سمجهيو ويو، جاچ لاءِ ڪميشن جوڙي وڃي ته ان ۾ ڪير ملوث هو. آئين جي ڀڃڪڙي ۾؟ هن وڌيڪ چيو ته جمهوري ۽ آئيني قدم خلاف عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جو ردعمل ڇا هو؟ اڳوڻي وزيراعظم کان پڇو ته هن چئن سالن ۾ ملڪي معيشت سان ڪهڙي راند کيڏي؟ اڳوڻي وزير اعظم کان پڇو ته توهان پنهنجي ضد جي ڪري عالمي سطح تي پاڪستان کي ڪيترو نقصان پهچايو آهي. ڪشمير بابت پنهنجي پاليسي بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت 1948ع کان ڪشمير تي غيرقانوني قبضو ڪري رهيو آهي، ڀارت والاريل ڪشمير جي حيثيت کي غيرقانوني طور تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ڀارت گڏيل قومن ۽ جنيوا ڪنوينشنز جي مسلسل ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسان والاريل ڪشمير ۾ حد بندي ڪميشن جي رپورٽ کي رد ڪريون ٿا، ڀارتي حڪومت نئين حد بندين سان والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن جي آواز کي دٻائڻ چاهي ٿي. ڀارتي انچارج ڊي افيئر کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري سخت احتجاج ڪيو ويو.پرڏيهي وزير چيو ته والاريل ڪشمير جو مسئلو عالمي برادري آڏو بار بار اٿاريو ويندو، ايوان ان معاملي تي متفقه ٺهراءُ پاس ڪندو، پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو.










