ڪي پي حڪومت جي روينيو ۾ هلندڙ سال 52 سيڪڙو اضافو

ڪي پي حڪومت جي روينيو ۾ هلندڙ سال 52 سيڪڙو اضافو

پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه روينيو اٿارٽي جي روينيو ۾ هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ 52 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.9 مهينن ۾ روينيو ڪليڪشن 23 ارب رپين کان وڌي ويو. هلندڙ سال دوران سروسز تي سيلز ٽيڪس جي مد ۾ 21 ارب 40 ڪروڙ رپيا گڏ ڪيا ويا آهن.دستاويزن موجب خيبرپختونخواهه روينيو اٿارٽي 9 مهينن ۾ 23 ارب رپين کان وڌيڪ روينيو گڏ ڪيو آهي.هلندڙ سال دوران سروسز تي سيلز ٽيڪس جي مد ۾ 21 ارب 40 ڪروڙ رپيا گڏ ڪيا ويا آهن.دستاويزن موجب گذريل سال ان ئي عرصي دوران 14.40 ارب رپيا گڏ ٿيا هئا.اهڙي طرح انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ سيس جي صورت ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال 100 سيڪڙو کان وڌيڪ روينيو گڏ ڪيو ويو آهي.گذريل سال هڪ ارب جڏهن ته هن سال هن وقت تائين 2 ارب 13 ڪروڙ رپيا روينيو گڏ ٿي چڪو آهي.ڊائريڪٽر جنرل خيبرپختونخواهه روينيو اٿارٽي فياض علي شاهه جيو نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته مالي سال جي آخر تائين 30 ارب رپيا گڏ ٿيڻ جو امڪان آهي.هن چيو ته ٽن سالن ۾ روينيو جي وصولي ٽي ڀيرا ٿي ويندي.فياض علي شاهه چيو ته ڪي پي روينيو اٿارٽي هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽن چوٿين ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، حڪومتي هدايتن سبب روينيو جي وصولي ۾ به اضافو ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو