سکر(ن سنڌيار)پ پ جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه جو چوڻ آهي ته عمران خان عوامي سياستدان ناهي، هو ٻئي طريقي سان اقتدار ۾ آيو.سکر جي احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته سياسي ماڻهو ادارن تي حملا نه ڪن، ادارن جو احترام سڀني تي لازمي آهي. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان بهادر ناهي، سندس حڪومت 4 سالن ۾ ملڪ کي دلدل ۾ ڌڪي ڇڏيو، جنهن کي ٺيڪ ٿيڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 4 مهينا لڳي سگهن ٿا.هن اهو به چيو ته هڪ ٻي سياسي جدوجهد آهي، هو شارٽ ڪٽ جا عادي آهن پر ڪجهه به نه ٿيندو، عمران خان جي الزامن ۾ ڪا به سچائي ناهي، سندس الزامن تي جڊيشل ڪميشن جوڙڻ گهرجي. خورشيد شاهه چيو ته حڪيم سعيد ۽ شامي صاحب جي انڪشافن جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن به جوڙي وڃي. ياد رهي ته ان کان اڳ سکر جي احتساب عدالت ۾ خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ خورشيد شاهه پيش ٿيو. ڪيس ۾ صوبائي وزير اويس شاهه، ايم پي اي فرخ شاهه ۽ ٻيا نامزد جوابدار به عدالت ۾ پيش ٿيا.خورشيد شاهه سميت 18 ڄڻن خلاف نيب ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي، نيب ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي 24 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.










