شاهه رخ خان جي گهر ”منت“ ڀرسان عمارت ۾ باهه

شاهه رخ خان جي گهر ”منت“ ڀرسان عمارت ۾ باهه

ممبئي(شوبزنيوز)بالي ووڊ اسٽار شاهه رخ خان ”منت“ جي گهر ڀرسان هڪ عمارت ۾ باهه لڳي وئي پر گذريل ڏينهن لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ممبئي ۾ شاهه رخ خان جي گهر ’منت‘ جي ڀرسان 21 ماڙ عمارت ’يهودي بلڊنگ‘ جي 14هين ماڙ تي ڪالهه شام 7 لڳي 46 منٽن تي باهه لڳي وئي.واقعي جو اطلاع ملندي ئي فائر برگيڊ جون 8 گاڏيون، 7 جمبو ٽينڪر ۽ ڪيتريون ئي ايمبولينسون موقعي تي پهچي باهه تي ضابطو آندو.رپورٽ موجب باهه لڳ ڀڳ ٻن ڪلاڪن ۾ قابو ڪئي وئي ۽ عمارت جي رهواسين کي ٻاهر ڪڍيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو