سانگھڙ (رپورٽر) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير شازيه عطا مري چيو آهي عمران خان نيازي جنھن به طريقي سان اقتدار ۾ اچي ڪري وزيراعظم جي ڪرسيءَ تي ويٺو رھيو ان ماڻهو ھڪ ڏينهن به ڪنهن جي عزت نه ڪئي ۽ هو هر روزماڻهن کي بيعزت ڪرڻ ۽ گاريون ڏيندو ھو. اڄ جيڪڏهن ماڻهن ھن کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته پنهنجو ذھني توازن وڃائي ويٺو آهي ـھن چيوته عمران خان پاڪستاني عوام کي هڪ ٻئي خلاف ڀڙڪائي ۽ افراتفري پيدا ڪري رهيو آهي عمران خان هن ملڪ کي مهانگائي، بک بيروزگاري ۽ بدحالي کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڏنوـ عمران خان ھن ملڪ سان جيڪو ڪجهه ڪيو، جيڪڏهن هو اقتدار ۾ ڪجهه ڏينهن وڌيڪ رهي ها ته هي ملڪ خطري ۾ پئجي وڃي ها.اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل رات سانگهڙ ضلعي جي کپري تعلقي جي ڳوٺ جمال آباد ۾ پ پ پ اڳواڻ عمر گل هنڱورجو کيس وفاقي وزارت ملڻ جي اعزاز ۾ ڏنل شاندار استقباليه تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير شازيا مري جو چوڻ ته ماضي ۾ عمران خان چوندو هو ته خودڪشي ڪندو پر آءِ ايم ايف وٽ قرض لاءِ نه ويندو جڏهن ته هو آءِ ايم ايف وٽ ويو ۽ قرض لاء سمورا سخت شرط پڻ قبول ڪيا. هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي جدوجهد کي هميشه ياد رکيو ويندوجنهن ملڪ جي عوام کي نالائق، نااهل ۽ بي حس حڪومت کان بچايو آهي.وفاقي وزير چيو ته مسجد نبوي سانحي تي سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي بدنامي ٿي آهي سياست ۾ حدون اورانگھبيون ناھن ۽ اسان به سياست ڪئي پر مخالفن کي ڪڏهن به گاريون نه ڏنيون ـ ھن چيو ته ڪاميابي ڪنهن جي بي عزتي ڪرڻ سان نه پر پارٽي منشور بيان ڪرڻ ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ سان ملندي آهي. وفاقي وزير شازيه مري وڌيڪ چيو ته عمران خان ڪشمير جي آزادي جو سودو ڪيو جنهن سان ڪشمير ڪاز کي نقصان پھتو آهي. هن چيو ته اسان سڀني کي متحد ٿيڻو پوندو ۽ ايندڙ سمورين چونڊن ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيڻو آهي ۽ اسان کي متحد ٿي اهو عهد ڪرڻو پوندو ته شهيدن جي فلسفي کي اڳتي وڌائينداسين ۽ پنهنجي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ملڪ جو وزيراعظم بڻائينداسين. تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سانگهڙ ضلعي ۾ جيڪو انقلاب آيو آهي اهو عوام جي محنت ۽ حوصلي جو نتيجو آهي. جيڪڏهن عزم ۽ حوصلو پختو هجي ته ھر شي ممڪن آهي، اسان سانگهڙ ضلعي ۾ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي فلسفي کي مضبوط ڪيو، جڏهن ته مخالف مذاق اڏائيندا ھئا ته پيپلز پارٽي هتان ڪڏهن به کٽي نه ٿي سگهي، اهڙي طرح اسان انھن کي ووٽ جي ذريعي بدترين شڪست ڏني. هن چيو ته اسان ڪڏهن به پنهنجي مخالفن کي گاريون ڏئي انهن جي توهين ناهي ڪئي پر رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪري انهن کي شرمسار ۽ بيعزت ڪيو. وفاقي وزير شازيا مري چيو ته وزارت يا عهدو ملڻ جو اصل ڪريڊٽ منهنجي حلقي جي غريب عوام کي وڃي ٿو ۽ مون ڪڏهن به ڪرسي ـ وزارت يا پارٽي جي ڪنهن به عهدي جي لالچ ناهي ڪئي، مون ان وقت به عوام جي خدمت ڪئي آهي جڏهن مون وٽ ڪو به عهدو نه هو ـ ھن چيو ته وزارت جو عهدو حاصل ڪرڻ اسان جي منزل ناهي پر سانگهڙ ضلعي جي ترقي ۽ خوشحالي اسان جي منزل آهي ۽ اسان اڄ به ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن آهيون، جمال آباد پهچڻ تي وفاقي وزير جو شاندار گلن جي ورکا ۽ شاندار آتشبازي سان استقبال ڪيو ويوـ ان کان اڳ وفاقي وزير شازيه عطا مري جي قيادت ۾ گذريل رات تعلقي کپرو جي يو سي حمزو درس جي مختلف برادرين جي ماڻهن پاران پ پ پ ۾ شموليت جو اعلان لاء تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي جنهن ۾ جي ڊي اي رھنمائن الھبچايو ٿيبو، محمد اسحاق ٿيٻو، محمد يعقوب ٿيٻو سميت هاليپوٽا ۽ اقليتي برادرين پاران پ پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو ـ الھبچايو ٿيٻو طرفان وفاقي وزير شازيا عطا مري کي سوني دھري جو تحفو پيش ڪيو ويوـ ان موقعي تي ھن چيو ته تعلقي کپرو جي يوسي حمزو درس جي مختلف برادرين جي پ پ پ ۾ شموليت جي فيصلي کي ڀليڪار ڪندي کين مبارڪباد ڏيون ٿا ۽ کپرو جي يوسي حمزو درس جي عوام جي شاندار استقبال تي تمام گهڻي ٿورائيتي آهيان ـ شازيه مري چيو ته هي پيپلز پارٽي جي هر ڪارڪن جي ڪاميابي آهي، پ پ جا دروازا هر ڪنهن لاءِ هميشه لاء کليل آهن ۽پيپلزپارٽي عوام جي پارٽي آهي جيڪوشهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو نظريو آهي، کپرو ۽ ضلعي سانگهڙ کي پيپلز پارٽي جو قلعو بڻائنداسين ان موقعي تي پ پ پ ضلعي سانگهڙ جو صدر علي حسن هنڱورجو، وڏي وزير جو خاص معاون رياض حسين شاهه خراساني، تعلقي کپرو جو جنرل سيڪريٽري عمر گل هنگورجو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.










