حيدرآباد(بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ نااهل حڪمرانن جي ڪري سنڌ ۾ 60 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نہ ملڻ ڪري ڊيلٽا تباھ ٿي ويو آهي ڪمند ڦٽي، چانور، انب، کجور جي باغن سميت زرعي معشيت خطري ۾ آهي سنڌ جي تباهي جي ذميوار پ پ پ حڪومت آهي جيڪا مسلسل 14 سالن کان وٺي اقتدار ۾ رھندي پئي اچي ھنن جو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ڪو بہ واسطو ناهي اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي خطرناڪ کوٽ پيدا ٿي وئي آھي ۽ فصلن لاء پاڻي ناھي سنڌ حڪومت فوري طور ھنگامي بنياد تي جوڳا اپاءَ وٺي ھٿرادو پيدا ڪيل ڏڪار ختم ڪرائي سنڌ جو پاڻي ھٿرادو بند ڪري سڄي سنڌ جي زراعت کي تباھ ڪيو پيو وڃي۔ پاڻي کان سواء زندگي جو تصور ممڪن ناھي، ان باوجود سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو آھي۔ ارسا مٿان کان ئي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻائڻ ۾ سھولت ڪار بنيل آھي۔ جيڪو پاڻي ملي ٿو، اھو وزير، سينيٽر ۽ حڪومت جا ٻيا نمائنده زبردستي پنھنجون زمينون آباد ڪرڻ لاء چوري ڪري وڃن ٿا۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ حڪومتي سرپرستي ۾ پاڻي تي ڌاڙا ھنيا وڃن ٿا۔ پڇڙي جي آبادگارن ۽ ننڍن آبادگارن سان وڏي ناانصافي ٿي رھي آھي۔ ڪرپٽ آبپاشي ڪامورا انھن کي پاڻي ڏين ٿا۔ جيڪي ھنن کي رشوت ڏين ٿا۔ ٻين جا فصل سڪي تباھ ٿي وڃن ٿا۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ لاڙ ۾ پاڻي جي ڪري وڏو ظلم ٿي رھيو آھي۔ ماڻھن پيئڻ جي پاڻي لاءِ بہ پريشان آھن۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ فوري طور تي پاڻي کوٽ ختم ڪئي وڃي ۽ پاڻي فراھم ڪيو وڃي۔










