ڪراچي(ويب ڊيسڪ)انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل جي سالياني رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل پاران جاري ڪيل سالياني ٽيسٽ ڪرڪيٽ رينڪنگ ۾ آسٽريليا پنهنجي پهرين پوزيشن کي وڌيڪ مضبوط ڪري ورتو آهي ۽ آسٽريليا جي رينڪنگ پوائنٽس 119 مان وڌي 128 ٿي وئي آهي. ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم 119 پوائنٽن سان ٻئي، نيوزيلينڊ جي ٽيم ٽئين ۽ ڏکڻ آفريڪا چوٿين نمبر تي آهي. پاڪستان جي ٽيسٽ رينڪنگ ۾ هڪ درجو بهتري آئي آهي ۽ پاڪستان انگلينڊ کان پنجين پوزيشن کسي ورتي جنهن کانپوءِ انگلش ٽيم ڇهين نمبر تي اچي وئي آهي. ون ڊي رينڪنگ ۾ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم پهرين نمبر تي آهي جنهن کي انگلينڊ جي چيلنج کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ هڪ رينڪنگ پوائنٽ جو فرق آهي، نيوزيلينڊ جون 125 پوائنٽون آهن. ون ڊي رينڪنگ ۾ آسٽريليا ٽئين ۽ ڀارت چوٿين نمبر تي آهي، جڏهن ته ون ڊي رينڪنگ ۾ پاڪستاني ٽيم هڪ درجو بهتري سان پنجين ۽ گرين شرٽس پنجين نمبر تي آهي، ان کان علاوه ڏکڻ آفريڪي ٽيم ڇهين نمبر تي اچي وئي آهي. ٽي 20 رينڪنگ ۾ ڀارت جي پهرين پوزيشن وڌيڪ مضبوط ٿي وئي آهي ۽ اها 270 پوائنٽن سان پهرين نمبر تي آهي جڏهن ته انگلينڊ 5 پوائنٽن سان ٻئين نمبر تي آهي، پاڪستاني ٽيم ٽئين پوزيشن برقرار رکي آهي. ٽي ٽوئنٽي ۾ ڏکڻ آفريڪا چوٿين ۽ آسٽريليا پنجين نمبر تي آهي جڏهن ته نيوزيلينڊ ٻه درجا ڇڪتاڻ ڪري ڇهين نمبر تي اچي ويو آهي.










