لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ مسلم ليگ (ق) جي سينيئر اڳواڻ پرويز الاهي حمزا شهباز جي حلف برداري بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي چيو آهي ته صدر ۽ گورنر کي بائي پاس نٿو ڪري سگهجي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف وڪيل اڄ عدالتن ۾ پيش ٿيندا.عدالتن ۾ موڪل واري سوال تي پرويز الاهي چيو ته هي عدالت نه پر خدا جي عدالت آهي.ٻئي طرف پي ٽي آءِ به فيصلي کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ ترجمان چيو ته انٽرا ڪورٽ اپيل تيار ڪئي پئي وڃي، وزيراعظم طرفان موڪليل سمري اڃا ايوان صدر ۾ موجود آهي، حلف کڻڻ لاءِ رڳو صدر يا گورنر ئي ڪنهن ٻئي شخص کي نامزد ڪري سگهي ٿو.










