اسلام آباد(بيورو)ايراني پرڏيهي وزير امير عبداللهيان بلاول ڀٽو زرداري کي ٽيليفون ڪيو ۽ کيس پرڏيهي وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ايراني پرڏيهي وزير امير عبداللهيان ۽ بلاول ڀٽو وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ هنن پيپلز پارٽي جي چيئرمين کي پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني.ان کان علاوه ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ايران جي لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب بلاول ڀٽو ايراني پرڏيهي وزير جو ڪشمير مسئلي تي حمايت ۽ فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار تي شڪريو ادا ڪيو. ترجمان موجب ايراني پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي ايران جي دوري جي دعوت به ڏني.










