واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان لاءِ قرض پروگرام ۾ هڪ سال واڌ ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ معاملن تي ڳالهيون جاري آهن، پاڪستان ايندڙ هفتي آءِ ايم ايف سان ٽيڪنيڪل سطح تي ڳالهيون شروع ڪندو. ذريعن موجب آءِ ايم ايف مطالبو ڪيو ته پاڪستان جلد کان جلد پنهنجون تازيون سبسڊيز واپس وٺي ۽ ڊسمبر ۾ مقرر هدف ۾ تبديلي جي انگن اکرن تي نظرثاني ڪري، آءِ ايم ايف چاهي ٿو ته پاڪستان گهٽ ۾ گهٽ ڊسمبر ۾ مقرر هدف کان پاسو ڪري. آءِ ايم ايف بجيٽ لاءِ جامع حڪمت عملي تي اتفاق چاهي ٿو. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جو وڌايل پروگرام سيپٽمبر ۾ پڄاڻي تي پهتو آهي، آءِ ايم ايف اسٽاف سطح تي ڳالهيون مڪمل ڪرڻ لاءِ مئي جي وچ ۾ هڪ مشن پاڪستان موڪليندو، پاڪستان آءِ ايم ايف جي توسيع پروگرام جي مدي ۾ واڌ جي درخواست ڪئي آهي. هڪ سال ۽ آءِ ايم ايف پروگرام کي هڪ سال لاءِ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ اتفاق ڪيو ويو آهي ته گذريل حڪومت جي ايندھن، تيل ۽ بجلي تي ڏنل سبسڊي واپس ورتي ويندي، تيل ۽ بجلي جي قيمتن ۾ اضافو مشن جي اچڻ کان اڳ ڪيو ويندو، جنهن کانپوءِ آءِ ايم ايف بورڊ منظوري ڏيندو. پاڪستان ۾ ايندڙ قسط.










