لنڊن(ويب ڊيسڪ)نئين فون ۾ 32 ميگا پڪسل فرنٽ سيلفي ڪيمرا آهي ۽ ان جا سينسر اپ گريڊ ڪيا ويا آهن. تيز چارجنگ سان موبائيل کي 4500 mAh جي بيٽري ڏني وئي آهي، جيڪا 80 وولٽ چارجر سان سپورٽ ڪندي. ايڪس 80 پرو 12 GB ريم سان گڏ اچي ٿو، جڏهن ته سپورٽ ڪارڊ سان، ان جي ميموري کي 512 GB تائين وڌائي سگھجي ٿو. هن فون کي شروعاتي طور تي چين سميت وڏن ملڪن ۾ متعارف ڪرايو پيو وڃي، جنهن کانپوءِ ان کي پاڪستان سميت ٻين ملڪن ۾ به متعارف ڪرايو ويندو. ان جي قيمت فوري طور تي معلوم نه ٿي سگهي آهي، پر ممڪن آهي ته اها پاڪستان ۾ 90,000 روپين ۾ پيش ڪئي وڃي.










