اسلام آباد(بيورو)پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڪرتارپور راهداري بابت ڀارتي غلط پروپيگنڊا کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو.هڪ بيان ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڪرتارپور راهداري ڪاروباري ملاقاتن لاءِ مبينه استعمال بابت ڀارتي پروپيگنڊا کي رد ڪريون ٿا، راهداري کولڻ جو تاريخي قدم نقصانڪار آهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڀارت پاران ’امن جي راهداري‘ کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪا نئين ڳالهه ناهي، ڀارت پنهنجي اقليتن خاص ڪري مسلمانن سان ٿيندڙ سنگين ناانصافين تان عالمي ڌيان هٽائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان اقليتن جي حقن کي اوليت ڏئي ٿو، مذهبي جڳهن جي تقدس کي يقيني بڻايو ويو آهي، پاڪستان ۾ هر برادري جي عبادت گاهن کي يقيني بڻايو ويو آهي، تازو ئي پاڪستان ڀارت مان 2 هزار کان وڌيڪ سک ياترين جي ميزباني ڪئي آهي، اهي سک ياتري پاڪستان آيا هئا. سالانه بيساخي ميلي ۾ شرڪت ڪئي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته زائرين لاءِ سندن مقدس هنڌن تي پهچڻ لاءِ ڀرپور انتظام ڪيا ويا آهن، هن وڌيڪ چيو ته سڄي دنيا ۾ سک برادري مذهبي هم آهنگي جي فروغ لاءِ پاڪستان جي عزم کي ساراهيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان اهو به چيو ته ڀارت ڪرتارپور راهداري تي غلط بياني کان پاسو ڪري، ڪرتارپور راهداري سک برادري لاءِ پاڪستان حڪومت جو تحفو آهي، ڀارت پنهنجي مذهبي اقليتن ۽ انهن جي جانين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻي.










