نوجوان زندگي جي جنگ هارائي ويو پر حڪومتي امداد نه ملي

نوجوان زندگي جي جنگ هارائي ويو پر حڪومتي امداد نه ملي

خانپورمهر(رپورٽ حميد سيال ) سنڌ يونيورسٽي جو شاگرد ۽ ڪيتري ئي عرصي کان ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا گهوٽڪي جي ڳوٺ علي مهر جي رهواسي علي بخش عباسي نيٺ موت هٿان زندگي جي جنگ هارائي ويو. علي بخش عباسي ڪجهه مهينن کان ڪراچي جي آغا خان اسپتال ۽ ان کانپوءِ الشفاءَ اسپتال ۾ زير علاج هو، جنهن کي هڪ ڏينهن اڳ الشفاءَ اسپتال مان لاعلاج قرار ڏئي واپس گهوٽڪي موڪلي ڇڏيو. جيڪو اڄ گهوٽڪي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ موت هٿان زندگي جي جنگ هارائي ويو.

ان کان اڳ سنڌ يونيورسٽي ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگرد علي بخش عباسي لاءِ سندس دوستن، سياسي سماجي اڳواڻن، صحافين توڙي شهرين گهوٽڪي ضلعي سميت پوري سنڌ مان 48 لک چندو گڏ ڪيو ۽  ننڍن وڏن شهرن ۾ جهولي فنڊ مهم هلائي وئي جنهن بعد علي بخش عباسي کي علاج لاءِ گهوٽڪي کان آغا خان اسپتال ڪراچي منتقل ڪيو ويو، ان دوران سنڌ حڪومت شاگرد علي بخش عباسي جي علاج لاءِ 40 لک رپين جي گرانٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، پر 2 مهينا گذرڻ باوجود سنڌ حڪومت جي ان اعلان تي هڪ ٽڪي جو عمل نه ڪيو ويو. مرحوم علي بخش عباسي جي جنازي نماز سندس اباڻي ڳوٺ گهوٽڪي ويجهو ڳوٺ علي مهر ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ اين اي 205 جي آزاد اميدوار حاجي خان مهر، پ پ اميدوار بنگل خان مهر، شهرين حفيظ دايو. انور مهر. سهيل مهر. عمران مهر. صفدر دايو. عبدالقيوم مهر. صحافي عظیم سيال. سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ساڃاهه وندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنازي نماز بعد مرحوم شاگرد علي بخش عباسي جو مڙهه آلين اکين سان اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، مرحوم علي بخش عباسي شادي شده ۽ کيس هڪ پٽ ۽ ٻن نياڻين جو اولاد پڻ آهي. مرحوم شاگرد علي بخش عباسي پنهنجي پيرسن والدين بعد گهر جو گاڏو هلائيندڙ اڪيلو نوجوان هو، جيڪو ڪينسر جهڙي موضي مرض سبب موت هٿان زندگي جي جنگ هارائي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو