استيفعيٰ ڏيندڙ پي ٽي آئي اسميبلي ميمبرن گاڏيون واپس نه ڪيون

استيفعيٰ ڏيندڙ پي ٽي آئي اسميبلي ميمبرن گاڏيون واپس نه ڪيون

اسلام آباد: (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبرن کي 10 ڏينهن گذري ويا پر اڃان تائين اڳوڻي حڪمران پارٽي جا هڪ درجن کان وڌيڪ ميمبر قائمه ڪميٽي جي چيئرمين واري عهدي تي اڃان تائين ويٺل آهن. تحريڪ انصاف ميمبرن جي استعيفائن سان گڏ ئي انهن جي چيئرمين شپ به ختم ٿي وئي پر سهولتون اڃان تائين ان چيئرمينن جي استعمال ۾ آهن جيڪو غيرقانوني عمل آهي. ذريعن موجب قومي اسيمبلي جي قائمه ڪميٽي جي چيئرمين کي 4 ملازم ۽ گاڏيون ڏنيون وينديون آهن. قومي اسيمبلي جي ملڪيت گاڏيون اڃان تائين تحريڪ انصاف جي استعيفائون ڏيندڙ چيئرمينن جي استعمال ۾ آهن. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ گاڏين جي واپسي لاءِ جلد ان سمورن اڳوڻن چيئرمينن ۽ چيئرپرسنز سان رابطن جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب تحريڪ انصاف جي استعيفائون ڏيندڙ چيئرمين ۽ چيئرپرسنز کان گاڏيون ۽ ٻيو ضروري سامان واپس ورتو ويندو. قومي اسيمبلي جو اسٽاف سندن استعيفائن سان گڏ ئي سيڪريٽريٽ کي رپورٽ ڪري چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو