نوازشريف کي سفارتي پاسپورٽ جاري ڪرڻ کان روڪڻ واري درخواست رد

نوازشريف کي سفارتي پاسپورٽ جاري ڪرڻ کان روڪڻ واري درخواست رد

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نوازشريف کي سفارتي پاسپورٽ جاري ڪرڻ کان روڪڻ جي درخواست ٻڌڻ جوڳي نه هجڻ تي رد ڪري ڇڏي. عدالت درخواستگذار تي 5 هزار روپيه ڏنڊ به لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نوازشريف کي ڊپلوميٽڪ پاسپورٽ جاري ڪرڻ کان روڪڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. درخواستگذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته نوازشريف اشتهاري ڏوهاري آهي. کيس ڊپلوميٽڪ پاسپورٽ جاري ڪرڻ کان روڪيو. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پڇاڻو ڪيو ته ڇا وفاقي حڪومت طرفان ڪو آرڊر پاس ڪيو ويو آهي؟ جيڪڏهن ڪو اشتهاري آهي ته قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو.چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏيندي چيو ته اشتهاري ڏوهاري ڪنهن به رليف جو مستحق نه آهي. عدالت وٽ پهريان ئي گهڻا ڪيس آهن. سائلين جي لاءِ قيمتي وقت آهي. عدالت وقت ضايع ڪرڻ تي ڇو نه اوهان جي مٿان ڏنڊ لاڳو ڪيو وڃي. جنهن کان پوءِ عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي درخواست ٻڌڻ نه جوڳي هجڻ تي رد ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو