ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ جو مشهور جوڙو عاليا ڀٽ ۽ رنبير ڪپور شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا.ٻنهي جي شادي جون خبرون عام آهن ۽ ان کان پوءِ گذريل ڏينهن شادي جي تقريب ۾ رنبير ڪپور جي ماءُ اداڪارا نيتو ڪپور ۽ ڀيڻ رڌيما ڪپور پاڻ شادي جي تصديق ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ ٽوئيٽر تي عاليه ۽ رنبير جي شادي جو هيش ٽيگ هڪ رجحان بڻجي ويو.رنبير جي ڪزن ڪرينا ڪپور ۽ ڪرشمه ڪپور کي به شادي جي تقريب ۾ ويندي ڏٺو ويو، وڊيو ۾ ڪرينا چانديءَ جو لهنگه پاتو جڏهن ته ڪرشمه ڪپور پيلي رنگ جو پشواز پاتو.










