سنڌ جي وڏي وزير ڏانهن آبادگارن جو کليل خط

سنڌ جي وڏي وزير ڏانهن آبادگارن جو کليل خط

ليکڪ: صوفي طارق علي کوسو
وزير اعلي سنڌ صاحب اميد تہ خوش هوندا، سائين اسان جون دعائون بہ اھي آھن تہ توھان سدائين خوش ۽ پر جوش ھجو. جيئن تہ توھان ڪجھ مھينن کان مصروف ھو. جمھوريت جي ساک بحال ڪرڻ لاء مسلسل جستجو ۽ جدوجھد ۾ سڀني کان اڳيان آھيو. عمران جي حڪومت کي ڪيرائڻ لاء توھان پ پ چيئرمين جي اڳواڻي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر کان ٿيندي پنجاب ۾ داخل ٿي ڪري اسلام آباد ۾ پنھنجي مارچ جي پڄاڻي ڪئي ھئي انھي مارچ دوران توھان کي سنڌ جا ڪيترائي مسئلا ڏسڻ ۾ آيا ھوندا ضرور توھان انھن جي حل لاء سوچيو بہ ھوندو. ڇاڪاڻ جو توھان ھينئر سنڌ جا وزير اعلي آھيو.سڀني کان علاوہ جمھوري نظام جي ڳالھائين کي برقرار رکڻ لاء مختلف پارٽين سان اتحاد ڪري ملڪ م عمران جي حڪومت ختم ڪئي آھي.ھاڻي جمھوريت جي ساک بہ بحال ٿي وئي عمران جي حڪومت وڏن لوڏن سان ختم ٿي وئي. سنڌ ۾ ھونئن بہ توھان جي حڪومت ھئي پر ھاڻي وفاق ۾ توھان سان گڏ ٿيل اتحادين جي حڪومت آھي توھان کي انھي جي مبارڪي ھجي. سنڌ جي آبادگارن ۽ ھارين جي دانھن توھان کي آھي آبادگارن ۽ ھارين سان پاڻي جو وڏو مسئلو آھي خاص ڪري ڄامشوري ضلعي جي آبادگارن سان جيڪو توھان جو پنھنجو ضلعو آھي. انھي کان علاوہ تہ سنڌ حڪومت جا سربراهه توھان آھيو. انھن کي حل ڪرڻ لاء بہ اھم ڪردار توھان کي نڀائڻو پوندو. انھي جي شروعات کان اڳ سائين مان توھان کي عرض طور پنھنجو تعارف ڪرائي ڇڏيا ٿو.
منھنجو نالو صوفي طارق علي کوسو آھي مان خاص ڪري سماجي مسئلن تي آواز اٿاريندو رھندو آھيان. آواز اٿارڻ لاء مختلف پليٽ فارم جو استعمال ڪندو آھيان جنھن ۾ سوشل ميڊيا، پرنٽ ميڊيا توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا ڪٿي فيس بڪ جي پوسٽن، ڪٿي ٽوئيٽر جي ٽوئيٽن، ڪٿي اخبارن ۾ موضوعن تي مختلف مضمونن، ڪٿي اليڪٽران ميڊيا جي اسڪرين تي احتجاج، مظاھرن ۽ بک ھڙتال ذريعي پنھنجي جستجو ۽ جدوجھد جاري رکندو آھيان. توھان کي پنھنجي حقيقي موضوع ء مسئلي کان آگاھ ٿا ڪيون. سنڌ م سنڌ جي آبادگارن توڙي ھارين سان وڏو ظلم آھي. سنڌو جيڪو تبت، چين جي پھاڙن کان ٿيندو ڏونگرن کي اڪاريندو، ڪي پي ڪي ۽ پنجاب ۾ وڏن ڊيمن کي ڀريندو اچي سنڌ م پھچي ٿو جيڪو مڪمل طور سمنڊ تائين ناھي پھچندو جيئن سنڌ جي پاڻي تي پنجاب ڌاڙو ھڻي ويٺو آھي جيئن پنجاب ۾ سنڌ جي حقن کي مارڻ لاء ڊيم توڙي غير قانوني ڪئنال ٺھيل آھن. تيئن وري آبادگارن ۽ ھارين جي پاڻي واري حق تي سنڌ ۾ موجود واسينگ جيان وڏيراعرف بااثر طور سڃاتا وڃن ٿا. ، اهي ڌاڙا هڻن ٿا. جيئن سنڌ جو پاڻي پنجاب بند ڪندو آھي تئين مسڪين جي حقن تي بااثر وڏيرا ڌاڙو ھڻندا آھن وزير اعلي صاحب آبادگارن جي مسئلن جي ڄاڻ توھان کي مختلف طور طريقن سان پوندي ھوندي. پرنٽ، اليڪٽران، سوشل ميڊيا يا عوامي ميڙاڪن ۾ ضرور ملندي ھوندي ڇاڪاڻ ھن دور م جتي اسان جا پڙھيل لکيل نوجوان جن کي روزگار جي سخت ضرورت آھي اھي ھاڻي ھارپو ڪرڻ لڳا آھن.جيڪي بيروگازي کان بک ۽ بدحالي کان بچڻ لاء مجبوري طور ھارپو ڪري رھيا آھن پر پاڻي، ايريگيشن جا عملدار انھن تائين پھچائڻ م ناڪام ويا آھن جڏھن تہ انھن جو پاڻي بہ قانوني آھي انھن آبادگارن جو سيڪشن پاڻي آھي. انھن کي پاڻي ڏيڻ کان جواب ٿو ملي. وزير اعلي سائين مراد علي شاھ صاحب اھو لڪاءُ پوري سنڌ سان گڏوگڏ توھانجي پنھنجي ضلعي ۾ به آھي جڏھن تہ ضلعي ڄامشوري ۾ مخدوم آباد ء ٻڍاپور مائينر پئمينگ اسڪيم آھي انھي اسڪيم تي علي آباد، منظور آباد، انڙپور ۽ ٻڍاپور جي علائقي جون زمينون اچن ٿيون رڪارڊ ۾ موجود انھن لکين ايڪڙ زمينن جو پاڻي مخدوم ساھڙ آباد ۽ ٻڍاپور مائينر شاخ تي آھي. مخدوم ساھڙ آباد ۽ ٻڍاپور مائينر شاخ تي بجلي 24 ڪلاڪ هلي وڃڻ کان پوء پڇڙ تائين پاڻي پھچائڻ ۾ ناڪام آھن شاخ بہ پڪي ٿيل آھي. افسوس جھڙي ڳالھ اھا آھي ۽ اڪثر آبادگارن جو بہ چوڻ آھي ٻنھي شاخن تي صرف وڏيرن ء بااثر کي خوش رکيو وڃي پيو جنھن ۾ انجئينر، سب انجيئر، سرويئر کان داروغو تائين ٻڌل آھن. جڏھن درياء مٿيان رکيل مشين تي ويندا آھن تہ سرڪاري مشين ھلائيندڙ آپريٽر ڪٿي بہ نہ ٿا ملن. جڏھن انھي اسڪيم مٿيان 24 ملازم آھن جن ۾ ڪجھ ويزا تي ويل آھن ڪي وري سرويئر کي پنھنجي پگھار جو تمام ٿورو حصو ڏئي ڊيوٽي کان مڪمل ڇوٽ حاصل ڪيو ويـٺا آھن جيڪڏھن داروغا ء سرويئر سان ڳالھايون ٿا تہ اھي بااثر کي چورائي مختلف طور طريقڪار سان تذليل جو نشانو بڻائيندا آھن يا انھن کي ڪوڙين ايف آء آرن لاء بہ ڌمڪائيندا آھن اھا ڳالھ ھارين جو رڪارڊ تي ھجي. انھن کي مختلف خوفزدہ ڌمڪيون ڏيندا جيڪي ايريگيشن کاتي جا ملازم گھٽ پر ڌاڙيل گھڻا لڳندا آھن.جڏھن تہ پاڪستان جي آئين انھن کي سوال ڪرڻ جو پورو حق ڏنو آھي انھن کان ڪو بہ سوال ڪرڻ حق نہ ٿو کسي سگھي ڇاڪاڻ تہ آئين عوام جي ڀلائي ء رھنمائي لاء جوڙيو ويو آھي. وزير اعلي صاحب آبادگارن ء ھارين جو اھو چوڻ آھي اسان وزير اعلي جي تڪ توڙي ڳوٺ سيوھڻ م وياسين انجئينر کي لکت م شڪايت ڪرڻ پر اتي آفيس م انجئينر نہ مليو انجئينر جي انھي آفيس ۾ ڪجھ پٽيوالن کان علاوہ خاليون ڪرسيون توڙي ٽيبل ۽ آفيس جي بلڊنگ مٿان ويـٺل چند ڪانؤ ويٺل مليا انھي کان پوء سب انجنيئر کي درخواستون جمع ڪرايون آھن انھن آبادگارن جو چوڻ تہ جڏھن اسان سب انجيئر کي لکت م درخواست جمع ڪرائي آھي پر انھن تي اڃان تائين ڪو عمل ٿيندي ڏسڻ م نٿو اچي. جڏھن تہ بااثر جي وارن کان پوء سرويئر ھٿ وٺي مشنيون خراب ڪرائي مختلف بھانا ڪرايندو آھي جنھن م (درياء م سکر کان وٺي لاٿ م آھي) پر افسوس سان چوڻ ٿو پوي تہ درياء بہ لاٿ غريب مسڪين آبادگارن جي واري م کائيندو آھي پر ڪڏھن بہ بااثر جي پاڻي جي واري م نہ ٿيندو آھي ھارين ٻڌايو تہ جڏھن تہ پوري سنڌ م پاڻي جو ناتال ٿي ويندو آھي اتي اسان جي شاخن کان درياء ۾ پاڻي جي ڪمي نہ ٿيندي آھي. انھي لاء سنڌ جا وزير اعلي صاحب ھن جمھوريت نظام م بي وس ء بي پھچ آبادگارن ء ھارين تائين پاڻي نہ ٿو پھچي. اھا جمھوريت نہ چئبي اھا حڪومت توڙي ايريگيشن انجئينر ڄامشورو مھيش ڪمار، سب انجئينر جنيد جوکيو جي آبادگارن ء ھارين خلاف ھٺ ڌرمي چئبي. انھي لاء وِزير اعلي سنڌ سائين مراد علي شاھ صاحب توھان اچي ٻنھي شاخن جو وزٽ ڪري آبادگارن ء ھارين کي معاشي قتلام کان بچايو. سائين جيڪڏھن نہ ٿا اچي سگھو ٿا تہ عيد تي سيوھڻ ضرور ويندا اتان ويندي علي آباد کان منظور آباد تائين سڄي پاسي ڏسندا وڃجو غيرآباد ٿيل زمينن کي ڏسندي معاملي جو نوٽيس وٺي انجئينر مھيش ڪمار کان پڇا ڪجو تہ اھي زمينون ڪنھن غير آباد ڪرايون ۽ ڇو غير آباد ٿيل آھن؟

پهنجو تبصرو موڪليو