وزيراعظم عمران خان اڄ شام اهم اعلان  ڪندو

وزيراعظم عمران خان اڄ شام اهم اعلان ڪندو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر فيصل جاويد خان چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اڄ شام اهم اعلان ڪندو. اهڙو بيان پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل جاويد ٽوئيٽر تي جاري ڪيو آهي. فيصل جاويد پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته عمران خان کي چيلينجز کي منهن ڏيڻو پيو، بظاهر لڳي رهيو آهي ته مخالف کٽي ويا آهن پر ائين ناهي، هو هاري ويا آهن.هن واضح ڪيو ته ”مٺيون وري گم ٿي ويون“ وارا لفظ ياد ڪندا ۽ ايندڙ وقت ٻڌائيندو، انشاءَ الله قوم فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. فيصل جاويد چيو ته ڪپتان اڄ شام اهم اعلان ڪندو ۽ هو پنهنجي قوم کي ڪڏهن به مايوس نه ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو