وڏي خواهش باوجود خانه ڪعبه نه وڃي سگهيس:عائشه عمر

وڏي خواهش باوجود خانه ڪعبه نه وڃي سگهيس:عائشه عمر

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور اداڪارا عائشه عمر جو چوڻ آهي ته هو ويجهي مستقبل ۾ عمري لاءِ ضرور ويندي. عائشه عمر تازو ئي هڪ خانگي ٽي وي پروگرام ۾ نظر آئي هئي جتي ميزبان نعمان اعجاز کانئس ڪيترائي سوال پڇيا هئا، جن مان هڪ اهو هو ته اهڙي هنڌ جو مشورو ڏيو جتي اوهان جي نيڪ خواهشن جي باوجود نه وڃي سگهي؟ اداڪارا مسڪرائيندي جواب ڏنو ته ”خانه ڪعبه“، ان موقعي تي عائشه عمر چيو ته مان اڃا نه وڃي سگهي آهيان پر انشاءَ الله ايندڙ هڪ سال ۾ ضرور عمري جي لاءِ ويندس. شو جي ميزبان پڇيو ته ڇا عمره ادا ڪرڻ کانپوءِ توهان جي زندگي بدلجي ويندي؟ ان جو جواب ڏيندي عائشه عمر چيو ته بلڪل هو پنهنجي زندگي جو انداز تبديل ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو