مستحق عورتن جو احساس ڪفالت ايجنٽن خلاف احتجاجي مظاھرو

مستحق عورتن جو احساس ڪفالت ايجنٽن خلاف احتجاجي مظاھرو

نوشھرو فيروز ( رپورٽ منظور ملڪ) ڀرياسٽي ۾ مستحق عورتن جو احساس ڪفالت ايجنٽن خلاف احتجاجي مظاھرو ايجنٽ مبينا طور ٻـ کان ٽي ھزار رشوت گھرن ٿا نه ڏيڻ جي صورت ۾ مشينون بند ڪري ڇڏين ٿا ـ مستحق عورتون خبر موجب ڀرياسٽي جي احساس ڪفالت سينٽرن تي مستحق عورتن پئسن مان مبينا ڪٽوتي توڙي سھولتن جي کوٽ خلاف احتجاج ان سلسلي ۾ ڀرياسٽي جي مختلف علائقن کان آيل مستحق عورتن مسمات گلان مسمات مومل مسمات سڀائي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته احساس ڪفالت سينٽر جي ايجنٽن طرفان ٻـ ھزار کان ٽي ھزار ڪٽوتي ڪري رھيا آھن نه ڏيڻ جي صورت ۾ مشينون بند ڪري اسان کي پريشان ڪري رھيا آھن جڏھن ته ڪفالت سينٽر تي سھولتن جي کوٽ پڻ آھي پيئن جو پاڻي توڙي أس کان بچاءٔ لا۽ شاميانا پڻ ناھن لڳايا ويا جنھن سبب صبح کان شام تائين نٽھڻ اس ۾ بيھڻ تي مجبور آھيون ھنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته احساس ڪفالت سينٽر جي ايجنٽ مافيا خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي پئسا ڏياريا وڃن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو