ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جو ٽرين قافلو اسلام آباد پهچي ويو، ٽرين قافلي جي اڳواڻي ايم اين اي آفتاب صديقي، ايم پي اي شهزاد قريشي ڪري رهيا آهن. مارگلا اسٽيشن تي اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ، پارلياماني ليڊر خرم شيرزمان ۽ مقامي اڳواڻن سندن آجيان ڪئي. سڄي سنڌ مان ورڪر ٽرين جي قافلي ۾ اسلام آباد پهچي ويا آهن. ٽرين جي قافلي ۾ عورتن جو به وڏو انگ شامل هو. ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته اڄ پاڪستان جي تاريخ جو اهم ڏينهن آهي. هن چيو ته اڄ پاڪستاني قوم چڱائي سان گڏ بيهڻ ۽ برائي خلاف بيهڻ جو عزم ڪندي، پاڪستان جا ماڻهو ڦرلٽ ۽ موروثي سياست جي خاتمي لاءِ تيار آهن، پاڪستانيو اڄ ٻاهر اچو پاڪستان لاءِ پنهنجي ڪپتان لاءِ ۽ جلد جلسي ۾ پهچو.










