دڙو(رپورٽ شوڪت ميمڻ) جانورن ۾ لمپي اسڪن بيماري بعد دڙو ۽ آسپاس جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ چمڙي جي بيماري وبائي صورتحال اختيار ڪري ويئي. سوين ٻار، عورتون، مرد پوڙھا خارش ۽ چمڙي جي بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ سبب سخت پريشان آھن. خارش سبب بيمار ماڻھن جي ھٿن پيرن ۽ جسم جي ٻين حصن ۾ وڏا زخم ٿي ويا آھن. ھر گھر جا 3 کان 5 ماڻھو خارش جي بيماري ۾ مبتلا آھن. جڏھن ته دڙو، ٻنون، لائقپور، بچل گگو، حسين پور، اڪبر شاھ يونين ڪائونسلن جي ابڙال، ڳوٺ بابو لاشاري، ڳوٺ پير محمد ڀنڀرو، ڳوٺ رتو لاشاري، ڳوٺ ڊڀوموري، ڳوٺ الھبخش شورو، ڳوٺ عيسي شورو، ڳوٺ عيدن شورو سميت 50 کان وڌيڪ مختلف ڳوٺن ۾ خارش جي بيماري وبائي صورت اختيار ڪري ويئي آھي. جنھن سبب معصوم ننڍا ٻار، عورتون، جوان، پوڙھا خارش جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويا آھن. ڳوٺاڻن سنڌ جي صحت کاتي سميت ٻين لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو آھي ته متاثر ٿيل ڳوٺن ۾ صحت جي خاص موبائيل ٽيمن کي موڪلي خارش ۽ چمڙي جي بيماري ۾ ورتل غريبن ڳوٺاڻن جو علاج ڪيو وڃي.










