حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو، مرڪزي اڳواڻ مهراڻ سنڌي ۽ شبنم پليجو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي دهشتگردن جا شرط تسليم ڪري سنڌ ۾ نوڪريون سنڌين بدران پرڏيهين کي ڏيڻ جو معاهدو ڪري سنڌي نوجوانن کي بي روزگار ڪرڻ جي سازش ڪئي آهي. پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جو هي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪري سنڌين کان زمينون ۽ نوڪريون ڦرڻ وارو معاهدو سنڌ خلاف خطرناڪ سازش جو حصو آهي. غير جمهوري قوتون پيپلز پارٽي ۽ لساني فسادين کي گڏائي سنڌ ۾ پرڏيهين کي آباد ڪرڻ ۽ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون سازشون ڪري رهيون آهن. پيپلز پارٽي وارا اقتدار ملڻ شرط ئي سنڌ خلاف سازشون ڪندا رهيا آهن. هنن خدشو ظاهر ڪيو ته مشڪوڪ طريقي سان ٿيندڙ آدمشماري ۾ سنڌ شهري علائقن جي آبادي وڌائي بهراڙي وارن جو حق ماريو ويندو.










