ايم ڪيو ايم ۽ پي پي جو معاهدو سنڌ دشمن آهي،

ايم ڪيو ايم ۽ پي پي جو معاهدو سنڌ دشمن آهي،

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو،  مرڪزي اڳواڻ مهراڻ سنڌي ۽ شبنم پليجو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي دهشتگردن جا شرط تسليم ڪري سنڌ ۾ نوڪريون سنڌين بدران پرڏيهين کي ڏيڻ جو معاهدو ڪري سنڌي نوجوانن کي بي روزگار ڪرڻ جي سازش ڪئي آهي. پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جو هي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪري سنڌين کان زمينون ۽ نوڪريون ڦرڻ وارو معاهدو سنڌ خلاف خطرناڪ سازش جو حصو آهي. غير جمهوري قوتون پيپلز پارٽي ۽ لساني فسادين کي گڏائي سنڌ ۾ پرڏيهين کي آباد ڪرڻ ۽ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون سازشون ڪري رهيون آهن. پيپلز پارٽي وارا اقتدار ملڻ شرط ئي سنڌ خلاف سازشون ڪندا رهيا آهن. هنن خدشو ظاهر ڪيو ته مشڪوڪ طريقي سان ٿيندڙ آدمشماري ۾ سنڌ شهري علائقن جي آبادي وڌائي بهراڙي وارن جو حق ماريو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو