پشاور ويجهو تربيتي جهاز تباهه ٻئي پائلٽ شهيد

پشاور ويجهو تربيتي جهاز تباهه ٻئي پائلٽ شهيد

پشاور(ويب ڊيسڪ) پشاور ويجهو پاڪ فضائيه جو تربيتي جهاز ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ جهاز ۾ سوار 2 پائليٽ شهيد ٿي ويا. پاڪ فضائيه جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ فضائيه جو تربيتي جهاز پشاور ويجهو معمول جي تربيتي مشن دوران ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي پائليٽ شهيد ٿي ويا. ترجمان ايئر هيڊ ڪوارٽر جي ترجمان موجب واقعي جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ بورڊ آف انڪوائري جوڙي ڇڏيو آهي. ريسڪيو 1122 پشاور جي ترجمان بلال احمد فيضي جو چوڻ آهي ته ايمبولينس ۽ فائر فائٽرز واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪارروايون شروع ڪيون آهن. رپورٽن مطابق تربيتي جهاز هڪ گهر جي ڇت تي ڪري پيو. ياد رهي ته گذريل سال آگسٽ ۾ پنجاب جي ضلعي اٽڪ ويجهو پاڪ فضائيه جو تربيتي فائٽر جهاز ڪري تباهه ٿي ويو هو جنهن جو پائلٽ بچي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو